لنڊن (م ڊ) درياهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان پاڪستان جي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت طرفان سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪئنالن جي غير آئيني تعمير خلاف لنڊن ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ مختلف قومپرست اڳواڻن، انساني حقن جي ڪارڪنن، دانشورن، ۽ سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري دوران ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر لکو مل لوهاڻو، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، ايمن زئنور، نوجوان شاگرد اڳواڻ، عبدالرزاق ٻرڙو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو برطانيا جو نمائندو، سهيل ابڙو، سنڌ فريڊم موومنٽ، ڪامران جتوئي، قانوندان، فهميده خشڪ، ڊاڪٽر خديجه مهر، حبيب الله، بلوچ نيشنل مومينٽ، عبدلروف لغاري، حفيظان وڌيو، فهميده بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌو درياهه تي ٿيندڙ سازشن کي سخت لفظن ۾ رد ڪيو. اڳواڻن چيو ته هڪ پاسي درياهه تي ڪئنال ته ٻئي پاسي گرين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين تي قبضي جون تياريون آهن، سنڌ جي وسيلن تي ناجائز قبضو ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي ڪئنالن جي مخالفت ڪري ٿي ته پوءِ نواز ليگ سان وفاقي حڪومت ۾ اتحاد ختم ڪري. ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران پاڪستان هاءِ ڪميشن، لنڊن کي هڪ ياداشتنامو پڻ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه تي ٿيندڙ ناانصافين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.
