لوڪ سبها جون چونڊون مڪمل، بي جي پي کي برتري حاصل

نئين دهلي: (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ لوڪ سبها جون چونڊون مڪمل ٿي ويون آهن، ايگزٽ پول ۾ ڀارتيه جنته پارٽي(بي جي پي) کي برتري حاصل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.چونڊن جي نتيجن جو اعلان 4 جون تي ڪيو ويندو. جڏهن ته سرويز ايجنسيز ۽ ڀارتي ميڊيا طرفان ايگزٽ پول جاري ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ نريندر مودي لاڳيتو ٽيون ڀيرو ڀارت جو وزيراعظم بنجڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي.ري پبلڪ ڀارت ميٽرڪس طرفان جاري ڪيل ايگزٽ پول موجب حڪمران پارٽي بي جي پي ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد تي ٻڌل نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس(اين ڊي اي) کي 543 مان 353 مان 368 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪانگريس تي ٻڌل اتحاد انڊيا کي 117 مان 133 سيٽون ۽ ٻين کي 43 کان 48 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.حڪومت ٺاهڻ لاءِ لوڪ سبها ۾ 272 ميمبرن جي حمايت ضروري آهي ۽ ايگزٽ پول جاري ٿيڻ کان پوءِ نريندر مودي جو لاڳيتو ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ مودي جواهر لال نهرو کان پوءِ لاڳيتو ٽيون ڀيرو عهدو سنڀاليندڙ ٻيون ڀارتي اڳواڻ بڻجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو