ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان علي خورشيدي جو چوڻ آهي ته لياري گينگ وار ۽ ڌاڙيلن جا سرپرسٽ جيالا آهن، ٻيو ڪو به ناهي، پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي انڌير نگري مچائي، علي خورشيدي چيو ته ماضي شاهد آهي ته ايم ڪيو ايم سڀني مڪاني چونڊن ۾ جيالن کي شڪست ڏني، هن چيو ته بدمعاشي، جبر ۽ ڌانڌلي ذريعي قائم ڪيل مقامي حڪومت جي حقيقت واضح ٿي چڪي آهي،پارڪنگ جي معاملي تي به صوبائي ۽ شهري حڪومتون هڪ ئي صفحي تي نه آهن، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته شهر ۾ امن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪري برقرار آهي، ۽ شهر ۾ امن جو سبب ايم ڪيو ايم جو 23 آگسٽ 2016 جو اعلان آهي، علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي ترقي ٻه مخالف رخ آهن، سنڌ جي کاتن ڪرپشن جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
