ليبيا ٻيڙي حادثي ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ليبيا ٻيڙي حادثي ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار عثمان خان کي گجرات مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار جوابدار جو نالو گهرو وزارت جي ريڊ بڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار هڪ شهري کان يورپ موڪلڻ لاءِ 2.4 ملين رپيا وصول ڪيا هئا، ۽ جوابدار اڳ ۾ ايف آءِ اي کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدار کي ايف آءِ اي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي جتي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو