لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ پوليس وين ويجهو ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس ترجمان موجب، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. گذريل رات دادي والا ۽ پيزو پوليس اسٽيشنن تي به حملا ڪيا ويا، پوليس اهلڪارن بروقت ڪارروائي ڪندي ٻنهي حملن کي ناڪام بڻايو. ٻنهي حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
