ماءُ اڪيلو پاليو، ان کي روئندي ڏٺم تنهن ڪري شوبز ۾ آيم، زينب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مشهور اداڪارا زينب شبير شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.زينب شبير تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آئي، جنهن ۾ هن نه رڳو پنهنجي زندگيءَ ۾ هن وقت تائين ڪيل جدوجهدن ۽ مشڪلاتن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي پر انهن حالتن جو به ذڪر ڪيو، جن کي پنهنجي ماءُ پنهنجي ڌيءَ جي پرورش ڪندي اڪيلي سر ڇا ڪيو؟ هنن ٻڌايو ته اسان 4 ڀينر آهيون ۽ اسان جي ماءُ اسان کي اڪيلو پاليو آهي.اداڪارا چيو ته منهنجي ماءُ ڏاڍي بهادر عورت آهي ڇو ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به کيس شڪايت ڪندي نه ڏٺو آهي.هن چيو ته هڪ ڏينهن مون پنهنجي ماءُ کي روئندي ڏٺو ۽ اهو ئي لمحو هو جنهن مون فيصلو ڪيو ته مان پنهنجي خاندان لاءِ ڪجهه ڪريان.زينب شبير چيو ته اهو ئي سبب هو جو مان شوبز انڊسٽري ۾ داخل ٿيس ۽ مان تمام گهڻي خوش آهيان ته منهنجو فيصلو سٺو ثابت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو