وياج جي شرح 12 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) سود جي شرح 12 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسٽيٽ بينڪ پنهنجي مالي پاليسي جي اعلان ۾ سود جي شرح برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو.ماهر اڄ هڪ سيڪڙو شرح سود ۾ گهٽتائي جي اميد ڪري رهيا هئا، پر اسٽيٽ بينڪ اعلان ڪيو ته هو ايندڙ ٻن مهينن لاءِ شرح سود کي 12 سيڪڙو تي برقرار رکندو.ياد رهي ته 27 جنوري 2025 تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ٻن مهينن لاءِ سود جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو پوائنٽ جي وڌيڪ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سود جي شرح 12 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي.اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 100 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ سود جي شرح 12 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي ۽ مختلف عنصرن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ، 16 ڊسمبر 2024 تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان هڪ وڏو فيصلو ڪيو ۽ سود جي شرح ۾ 200 بيسس پوائنٽس گهٽتائي ڪري 13 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي (ايم پي سي) اڄ پنهنجي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 200 بي پي ايس گهٽائي 13 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو 17 ڊسمبر 2024 کان لاڳو ٿيندو. ان حوالي سان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايم پي سي جي اميدن مطابق، نومبر 2024 ۾ عام افراط زر سالياني بنيادن تي 4.9 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو. هن گهٽتائي جو مکيه سبب خوراڪ جي افراط زر ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ نومبر 2023 ۾ گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي اثرات جو بتدريج خاتمو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو