مان سياست سکان پيو، مسئلا ٻڌي رهيو آهيان، جونيئر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، سياست ۾ اچڻ جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پهريون بيان جاري ڪيو.هن پنهنجو ڊگهو بيان 4 مختلف ٻولين انگريزي، اردو، سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام ۽ ايڪس تي جاري ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي پوٽي پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته مان پنهنجي پيءُ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورثي کي اڳتي وڌائيندس، جڏهن ته، مان پنهنجي پيءُ جي سياسي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۾ ڪو به عهدو يا ميمبرشپ ناهي، هن چيو آهي ته مون کي سياست ۾ ڪو به تجربو ناهي ۽ هن وقت مان پاڪستاني عوام کان سياست سکي رهيو آهيان ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي رهيو آهيان، جيڪو تمام ضروري آهي. هڪ سياسي خاندان جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي بيان ۾ پاڪستان جي جاگرافي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ اهو به چيو ته “منهنجو رستو منهنجو پنهنجو آهي. پر ڪجهه ماڻهو سياست لاءِ منهنجو نالو استعمال ڪري رهيا آهن.نيڪ خواهشن ۽ دعائن جي درخواست ڪندي، هن اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته صرف سندس سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيانن يا تبصرن تي يقين ڪيو وڃي، ۽ هن جو ڪنهن ٻئي ذريعن کان ايندڙ معلومات يا بيانن سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي هو ان جو ذميوار آهي.ياد رهي ته ڪالهه، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سياسي ميدان ۾ پنهنجي داخلا جي تصديق ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو