ماڻهو چوندا هئا ته تون هيروئن نٿي لڳين، ماڌوري ڊڪشٽ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سپر اسٽار ماڌوري ڊڪشٽ ماضي جي خود تنقيد ۽ نامناسب تبصرن بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. ماڌوري، جنهن تازو ئي ڊجيٽل پليٽ فارم تي ’دي فيم گيم‘ سان ڊيبيو ڪيو آهي، بالي ووڊ جي انهن معروف ۽ ڪامياب اداڪارائن مان هڪ آهي، جنهن فلم انڊسٽري کي بيشمار سپر هٽ فلمون ڏنيون آهن. هڪ انٽرويو ۾ ماڌوري چيو ته کيس اڄ به اهو وقت ياد آهي جڏهن ماڻهو کيس هيروئن مڃڻ لاءِ تيار نه هئا.هن انڪشاف ڪيو ته ماڻهو چوندا هئا ته مان هيروئن نٿو لڳي، مون ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. ماڌوري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون، منهنجي عمر ۽ شڪل جي ڪري ماڻهو چوندا هئا ته تون تمام ننڍي آهين، ان ڪري توکي هيروئن طور پسند نه ڪيو ويندو، ماڻهو افسانا ٺاهين ٿا ۽ ان کان ڪم وٺن ٿا. مونکي چوندا هئا ته هيروئن نٿي لڳين. اداڪارا جو چوڻ هو ته منهنجي ماءُ ڏاڍي بهادر عورت هئي جنهن هميشه چيو ته پٽ محنت ڪر ۽ چڱا ڪم ڪر، ماڻهو توکي پاڻ سڃاڻي وٺندا، جڏهن به ڪاميابي ملندي ته ماڻهو ٻيون سموريون خاميون وساري ڇڏيندا. ”مون پنهنجي ماءُ جي سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکيو ۽ جيڪي هن چيو، سو ڪندي رهيس ۽ ڪاميابي ماڻي. واضح رهي ته ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي بالي ووڊ ۾ ڊيبيو 1984ع ۾ فلم ”ابودھ“ سان ڪيو، پر هنکي شهرت فلم ”تيزاب“ مان ملي جيڪا 1988ع ۾ رليز ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو