محبت ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسٽس ظفر راجپوت غير قانوني اڏاوتن جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته محبت ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار سامهون علائقي ۾ غير قانوني اڏاوتن جي ڪيس ۾ وڌيڪ دليل طلب ڪري ورتا. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جمشيد ٽائون جي پلاٽ 211 تي غير قانوني پلازا اڏيو پيو وڃي، اها اڏاوت قائداعظم جي مزار جي تقدس خلاف آهي. هن چيو ته پلازا ۾ بڪنگ لاءِ اشتهار به جاري ڪيا پيا وڃن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته بڪنگ لاءِ اشتهار شايع ڪرڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟ وڪيل وراڻيو ته مون سميت عام شهري سمجهي ٿو ته اشتهار جاري ٿيڻ سان معاملا قانوني هوندا. جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جي موجوده حالتن ۾ ڇا توهان رڳو اشتهار تي يقين ڪري سگهو ٿا؟ محبت ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. عدالت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي وڌيڪ دليل طلب ڪري ورتا ۽ درخواست جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو