ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ دهشتگردن کي پوري طاقت سان چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اهم اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب اجلاس ۾ شهيدن جي لاءِ دعائون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي.اجلاس ۾ گذريل ڏينهن ڪوئٽه جي ريلوي اسٽيشن تي ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي صورتحال خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ دهشتگردن کي پوري طاقت سان چيڀاٽڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بنائڻ لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وڌايو ويندو. اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين. بلوچستان حڪومت کي اوليت جي بنياد تي ضروري وسيلا ڏيڻ جو به اعلان ڪريان ٿو.محسن نقوي چيو ته بلوچستان پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ٻين فورسز جي تربيت ۽ تعداد وڌائڻ ۾ تعاون ڪنداسين، شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون، شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان پوليس ۽ ليويز جو تعداد وڌائڻ لاءِ قدم کڻنداسين، دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ليويز کي جديد هٿيار ڏينداسين پرعزم آهيون ته بلوچستان مان دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور