محمد عرفان پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ)عماد وسيم، محمد عامر کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عرفان به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر سوشل ميڊيا تي ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.محمد عرفان جو چوڻ هو ته ساٿ ڏيڻ تي ساٿي رانديگرن، ڪوچز ۽ سمورن ماڻهن جو شڪر گذار آهيان.واضح رهي ته محمد عرفان 4 ٽيسٽ، 60 ون ڊي ۽ 22 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ عماد وسيم ۽ محمد عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو