پاڪ-ترڪ تعلقات، مختلف شعبن ۾ تعاون جي 24 معاهدن تي صحيحيون

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان خميس ڏينهن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون بابت 24 معاهدن۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن بظرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪ صدر خميس جي رات دير سان اسلام آباد پهتو ۽ راولپنڊي ۾ وزيراعظم ۽ صدر آصف علي زرداري سندس آجيان ڪئي هئي. سندس جهاز جيئن ئي پاڪستاني حدن ۾ پهتو ته ايئر فورس جي جنگي جهازن کيس حفاظتي حثار ۾ وٺي آيا. ٻئي اڳواڻ پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران آيل مهمانن سان ملاقاتون ڪيون. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب اڄ وزيراعظم شهباز سان ڳالهه ٻولهه لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪندي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هٿياربند فوج جي هڪ دستي دوري تي آيل معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. معاهدن تي صحيحن جي تقريب کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي پاران سڀني معزز مهمانن جي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريان ٿو. پاڪستان اوهانجو ٻيو گهر آهي. پنجن سالن کان پوءِ توهان سان ملڻ ڏاڍو عجيب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”پاڪستان جا ماڻهو اڄ توهان کي پنهنجي وفد سان گڏ پنهنجي برادر ملڪ جي دوري تي ڏسي بيحد خوش ٿيا آهن. وزيراعظم ترڪيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ته ”زلزلن ۽ ٻوڏن دوران پاڪستان سان سدائين گڏ بيٺل رهيا ۽ هر ڏکئي وقت م مدد ڪئي. شهباز شريف چيو ته اڄ توهان جي پاڪستان جي دوري اسان جي ڀائپي وارن لاڳاپن کي نئين سطح تي پهچايو آهي. ان موقعي تي مهمان صدر رجب طيب اردگان گرمجوشي سان استقبال تي وزيراعظم شهباز ۽ صدر زرداري جا ٿورائتا آهيون.هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.اسلام آباد ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن جي تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته پاڪستان اچي دلي خوشي ٿي، پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال اسان جا هيرو آهن.رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اسان جي وچ ۾  24 معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي اتفاق ٿيو آهي. صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ واپاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون، پنهنجن سرمائيڪارن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي ترغيب ڏئي رهيا آهيون.هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پنج ارب ڊالر جي واپاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. جڏهن ته دفاع ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ٿيون.ترڪ صدر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه ۾ آيل زلزلي کان پوءِ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، ترڪيه جي مشهور فائونڊيشن جي اسڪولن جو پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار هوندو.ترڪيه جي صدر چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. قبرص جي معاملي تي پاڪستاني حمايت اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، دنيا جي هر فورم تي پاڪستان سان گڏ فلسطين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.  فلسطيني ڀيڻ ڀائرن جي مدد اسان جو فرض آهي، آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين. . ياد رهي ته پاڪستان حڪومت مهمان جي آمد تي خصوصي نغمو جاري ڪيو ۽ مختلف اخبارن ۾ ويلڪم جا اشتهار شايع ڪرايا.

پهنجو تبصرو موڪليو