ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) ريڊيو پاڪستان جي خبر موجب بلوچستان جي مختلف علائقن م سيڪورٽي فورسز آپريشن دوران 12 دهشتگردن کي قتل ڪيو آهي ۽ ڪيترائي زخمي آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ”بلوچستان ۾، دهشتگرد ڪيترن ئي هنڌن تي بزدلانه حملا ڪيا آهن،“ رپورٽ ۾ ٿيل حملن وارن علائقن ي جتي آپريشن ڪيو ويو آهي، انهن علائقن جا تفصيل نه ڏنا ويا آهن. ٻئي پاسي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ هٿياربندن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ رات دير تائين فائرنگ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا. سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) دوستين دشتي موجب، جهڙپ ۾ 4 ليويز اهلڪار، هڪ پوليس سب انسپيڪٽر، هڪ قبائلي اڳواڻ ۽ 2 شهري شهيد ٿي ويا. زخمين ۾ قلات جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفتاب لاسي سميت 5 ليويز اهلڪار به شامل آهن. اهلڪار ضياءُ الرحمان موجب فوتين جا لاش ۽ 6 زخمين کي سول اسپتال قلات منتقل ڪيو ويو آهي. ايس پي موجب قلات جي علائقي مهلبي ۾ هٿياربندن هڪ قبائلي شخص جي هوٽل ۽ گهر تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ زبير محمد حسني مارجي ويو. ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي جي مختلف هنڌن تي چڪريون ٿيون، ايس پي جو چوڻ آهي ته روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد