مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن طرفان مخصوص سيٽن تي فيصلو جاري ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن ٻئين ڀيرو وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو. مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ختم ٿي ويو آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اليڪشن ڪميشن جو فيصلو جلد اچڻ جو امڪان آهي، مخصوص سيٽن تي اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججن هڪ ٻي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي 8 ججن جن اڪثريت سان فيصلو ڏنو، پنهنجي ٻي وضاحت ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جو مختصر فيصلو جاري ٿيڻ کانپوءِ ان حوالي سان ڪيل ترميم جو پابند ناهي.اڪثريتي فيصلو ٻڌائيندڙ ججن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم سان 12 جولاءِ جي فيصلي کي غير موثر نٿو بڻائي سگهجي.هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي ماضي جي درخواست کي دليل بڻائي فيصلي کي غير موثر نٿو بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو