مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ هدايت ڏني آهي ته آزاد ميمبر کي ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت جي اجازت ڏئي پارليامينٽ جو لاڳو ڪيل ايڪٽ صدر جي صحيح کان پوءِ لاڳو ٿيندو. آزاد ميمبر جيڪي هڪ سياسي پارٽي جو حصو بڻجي ويا، انهن کي پارٽي تبديل ڪرڻ جي اجازت نه آهي، پارليامينٽ جي خومختاري قائم رکڻ جي لاءِ مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي. پارليامينٽ جي خودمختاري جي لاءِ مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن. سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته هو آزاد ميمبرن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت جو اختيار ڏئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ پارليامينٽ اليڪشن ترميمي ايڪٽ 7 اگسٽ تي منظور ڪيو. پارليامينٽ جو منظور ڪيل ايڪٽ صدر جي صحيح کان پوءِ لاڳو ٿي چڪو آهي.لاڳو ڪيل ايڪٽ جي تحت جنهن به ميمبر نامزدگي ڪاغذن سان گڏ پارٽي جو سرٽيفڪيٽ جمع ناهي ڪرايو ته انهي کي آزاد تصور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو