مدئجي ۾پراڻِي تڪرار تان فائرنگ، عورت مارجي وئي، 2 زخمي

مديجي (ن س) مديجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت مسمات شهبانو عرف لشمه زال مٺل جتوئي مارجي وئي آهي، جڏهن ته ٻه عورتون مسمات حوران، ۽ مسمات مڪڙ جتوئي زخمي ٿي پيون آهن. مارجي ويل عورت جو لاش واقعي واري هنڌ پيل آھي، پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ عورت قتل ٿي وئي آهي.هوڏانهن مارجي ويل عورت جي وارثن ٻڌايو ته سئوٽن جو عبدالعليم وارن سان جهيڙو هلندڙ هيو جنهن تان اڄ ڪڻڪ جو لاڀارو ڪندي جوابدارن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ عورت قتل ٿي وئي، جڏهن ته ٻه زخمي ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو