مداح پاران سڄي ملڪيت نيمار جي نالي ڪرڻ جي وصيت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) برازيل جو فٽبالر نيمار جونيئر دنيا جي امير ترين رانديگرن مان هڪ آهي پر هڪ مداح جي مهرباني سبب سندس دولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ وارو آهي. برازيل جي هڪ گمنام مداح پنهنجي وصيت ۾ نيمار جونيئر جي نالي تي سمورا اثاثا ڇڏيا آهن. گمنام پرستار چيو آهي ته هن کي برازيل جي فٽبال ٽيم ۽ ان جي تاريخ سان پيار آهي، پر نيمار جونيئر سڀني کان مختلف آهي. 30 ورهين جي مداح جو چوڻ هو ته هن پهريان به پنهنجي اثاثن کي نيمار جونيئر کي ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه قانوني طور ڪيو پيو وڃي. نيمار جونيئر، جيڪو فرانسيسي ڪلب پيرس سينٽ جرمين لاءِ کيڏندو آهي، 2023 ۾ ان جي آمدني ساڍا 8 ڪروڙ ڊالر هوندي. ان حوالي سان مداح جو چوڻ هو ته ”مون کي نيمار جي آمدني جي خبر آهي پر هو لالچي نه آهي ۽ اهڙا ماڻهو هاڻي گهٽ رهيا آهن“.

پهنجو تبصرو موڪليو