اعجاز ممنائي
هر دور ۾ حڪومت کي پنهنجي آڱر جي اشاري تي هلائيندڙ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسانجو رخ اسلام آباد طرف هوندو.هن چيو ته بل قانون بڻجي چڪو آهي پر ان معاملي کي غير ضروري طور تي منجهايو ويو آهي، هن جو چوڻ هو ته اسان جي شڪايت صرف ايوان صدر ۽ ملڪ جي صدر سان آهي، حڪومت جي منظور ڪيل بل تي صدر اعتراض ڇو ڪيو آهي؟ هن چيو ته ايوان صدر ڏيڍ مهيني کان پوءِ مدرسن جي بل تي اعتراض ڪيو آهي جيڪو غير قانوني عمل آهي۔ قانون موجب جڏهن 10 ڏينهن تائين ڪنهن به بل تي اعتراض نه ٿئي ته اهو ازخود ايڪٽ بڻجي ويندو آهي،انڪري اسان جي دعويٰ آهي ته بل قانوني طور تي منظور ٿي چڪو آهي۔ هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان بل جي معاملي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ٿيون ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي موجودگي ۾ مدرسي جي بل تي اتفاق راءِ ڪيو ويو هو. قانون واري وزارت انهيء بل جو ڊرافٽ تيار ڪيو هو ۽ اسان سڀني ان بل کي قبول ڪيو هو۔ گڏيل اتفاق باوجود هاڻي آصف علي زرداري جي اعتراض جو ڪوبه جواز نه ٿو ٺهي. هن چيو ته انهن سمورن معاملن ۾ رياستي ادارا موجود هئا. سمورن مرحلن ۾ اهي پاڻ شريڪ هئا، بل جي هڪ هڪ لفظ جي انهن کي خبر هئي هاڻ انهي کي تڪراري ڇو پيو بنايو وڃي. وفاق المدارس ۽ اتحاد مدارس دينيه سان تڪرار ڇو پيو اٿاريو وڃي. اسان جو ته انهن سان جهيڙو ئي ناهي، جنهن ڊرافٽ تيار ڪيو انهي جي چوڻ تي اچي هو گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ تعليم واري وزارت سان جڙي وڃو يا سوسائٽي ايڪٽ سان اهو نئون سوال اٿاريو پيو وڃي۔ صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن جو بل اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو هو. صدر طرفان بل واپس اماڻڻ کان پوءِ حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ تي غور ڪري رهي آهي جيڪو ايندڙ هفتي گهرائڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو بل پيش ڪرڻ جو به امڪان آهي.ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر جي صحيح نه ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. حڪومتي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان آئنده ڪوبه تعاون مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته بلاول ڀٽو جو حڪومت جي اعليٰ عهديدارن سان رابطو ٿيو آهي. جنهن ۾ هن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن ۾ مدرسن واري بل سان گڏ ڪجهه ٻيا بل به پيش ڪيا ويندا. مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي دستخط نه ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي آهي جنهن کانپوءِ صدر مملڪت مدرسي جي رجسٽريشن بل تي قانوني اعتراض اٿاريو ۽ ان کي واپس وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مدرسا صوبن جي تعليم واري وزارت جي ماتحت آهن، انهن جي رجسٽريشن صوبائي معاملو آهي، اسلام آباد ۾ به مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ پهريان ئي ٻه قانون آهن. ذريعن موجب نئين مدرسي جي رجسٽريشن بل ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته اهو بل اسلام آباد ۾ موجود قانونن مٿان لاڳو ٿيندو، جڏهن ته صدر مدرسي جي رجسٽريشن بل واپس موڪلي ڇڏيو ۽ هاڻي بلاول ڀٽو جي خواهش باوجود ان تي صحيح نه ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن بل کي هاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان ئي منظور ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته وزيراعظم مدرسن جي رجسٽريشن بل تي پاڻمرادو ڪا به راءِ نٿو ڏئي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل بل مدرسن جي اڪائونٽس ۽ انهن جي رجسٽريشن جي سهولت ڏيڻ بابت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو صوبائي معاملو آهي، ان ڪري سمورن صوبن کي اهو بل پاس ٿيڻ گهرجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي واعدي سبب بلاول ۽ حڪومتي ٽيم گڏجي بل جي منظوري ڏني هئي، جيڪڏهن صدر ان تي دستخط به ڪري ها ته اهو صوبائي معاملو هجي ها ۽ ڪو به فائدو نه ٿي سگهيو. مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جو مامرو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندو پيو اچي پر 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واقعي بعد اتفاق راءِ سان طئي ٿيل نيشنل ايڪشن پلان تحت ان ۾ تيزي آئي پر اڃا به ان تي مڪمل عمل درآمد نه ٿي سگهيو آھي. ماهرن موجب برطانوي دور کان مدرسن جي رجسٽريشن سوسائٽي ايڪٽ تحت ڪئي ويندي رهي آھي پر پرويز مشرف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتن ۾ مدرسن ۾ سڌارن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي پر مامرو اختلافن جو شڪار رهيو. 2016 ۽ 2019 ۾ اتحاد تنظيمات مدارس ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدا ٿيا. پي ٽي آءِ جي دورِ حڪومت ۾ طئي ٿيل معاهدي ۾ تعليم وزارت جي ماتحت مذهبي ڊائريڪٽوريٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن تحت مدرسن جي رجسٽريشن ڪئي پئي وڃي . ڊائريڪٽوريٽ مذهبي تعليم جي ڊي جي اڳوڻي ميجر جنرل غلام قمر جو چوڻ آھي ته مدرسن کي تعليم وزارت جي ماتحت ڪرڻ لاءِ ڪابينا منظوري ڏني هئي، 2019 ۾ حڪومت ۽ تمام عالمن وچ ۾ معاهدو ٿيو هو، ڊائريڪٽوريٽ مذهبي تعليم تحت مدرسن رجسٽريشن ۾ صرف ٻن هفتن جو وقت لڳي ٿو ۽ هن وقت 18600 مدرسن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آھي، مدرسا پنهنجا تفصيل ڊائريڪٽوريٽ کي فراهم ڪندا آھن، جنهن لاءِ 16 ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ڪم ڪري رهيون آھن .هڪ تحقيق موجب هن وقت پاڪستان ۾ مجموعي طور تي 24 هزار جي لڳ ڀڳ مدرسا رجسٽرڊ آھن، جن مان 18400 مدرسا تعليم کاتي ۽ باقي مدرسا سوسائٽي ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ٿيل آھن، جڏهن ته مدرسن سان واڳيل شاگردن جو تعداد 45 کان 50 لک تائين آھي.بهرحال هاڻي جڏهن بل اسيمبليء ۾ آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ته مولانا هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ هلائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي۔ ڇا ان عمل سان مدرسا محفوظ ٿي ويندا۔ هن وقت مدرسن اندر جيڪي غيرقانوني ۽ غيراخلاقي عمل ٿي رهيا آهن تن تي مولانا ڪڏهن به قانون ٺاهڻ جو نه چيو آهي پر هن بل تي ايتري تڪڙ ڪرڻ ۽ تحريڪ جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب عمل نه آهي۔