حبيب ٽالاڻي
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل بعد جهڙي انداز ۾ ان ظلم ناانصافي ۽ غيرقانوني توڙي غير شرعي عمل خلاف سڄي سنڌ ۾ جيڪا آوازاٿي اها آواز سنڌ جي روشن خياليءَ جو واضع ثبوت آهي سنڌ جي ساڃاهه وندن جهڙي ريت ڊاڪٽر شاهنواز جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاج ڪري ان قتل ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو آهي اها سنڌ جي شعور جي فتح آهي پر ان سان گڏو گڏ اها به هڪ حقيقت آهي ته ڊاڪٽرشاهنواز جي بيرحماڻي قتل واري واقعي بعد ٿيندڙ احتجاج ڪندڙن جي احتجاجن قلم ڪارن جي لکڻين شاعرن جي شاعري سنڌ کي سماجي طرح سان ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏي آهي جنهن ۾ هڪ حصو روشن خيالي ٻيو حصو مذهبي طبقو ۽ ٽيون حصو سماج جو اهو حصو آهي جيڪو هن سڄي مامري ۾ نيوٽرل رهيو ڊاڪٽر شاهنواز جي بيرحماڻي قتل بعد سنڌ جي نامور ليکڪن قلم ڪارن شاعرن توڙي نالي وارن سنڌي اخبارن ان کي واقعي کي مذهبي انتهاپسنديءَ جو نالو ڏيئي مذهب کي روشن خيالي ۽ صوفي ازم جي سامهون آڻي بيهاري ڇڏيو ان سڄي صورتحال ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي بيرحماڻي قتل کي مذهبي انتهاپسندي جو نالو ڏنو ويو ان ڪري سڀ کان اڳ اسان لاءِ ان ڳالهه کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ته مذهبي انتهاپسندي آهي ڇا؟ ۽ ڇا واقئي ڊاڪٽر شاهنواز جو بيرحماڻو قتل مذهبي انتهاپسندي جي زمري ۾ اچي ٿو؟ ان لاءِ سڀ کان پهرين اهو سمجهيو وڃي ته انتهاپسندي آهي ڇا؟ اصل ۾ انتها پسندي ان شئي کي چئبو آهي ته ڪو به مذهبي توڙي غير مذهبي گروهه جٿي يا ڪنهن قوم يا فرد پاران پنهنجي ڪنهن به نظريي سوچ عبادت جي طريقي توڙي رهڻي ڪهڻي کي بلڪل صحيح سمجهندي ۽ ٻين جي انهن ئي شين کي غلط سمجهي پنهنجي نظريي مذهب توڙي خيالن کي زبردستي ٻين مذهبي توڙي عام گروهن جٿن توڙي فردن مٿانن ظلم جبر ۽ ڏاڍ وصيلي مڙهڻ يا مڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ انتهاپسندي جي دائري ۾ اچي ٿو پوءِ ان لاءِ اهو ضروري ناهي ته اهو ڪم صرف مذهب سان لاڳاپيل ڪو ماڻهو يا گروهه ڪري سگهي ٿو ٻيو ڪير به اهو ڪم نه ٿو ڪري سگهي ائين بلڪل به ناهي جيڪڏهن ڪو به غيرمذهبي گروهه جٿو يا فرد زبردستي ۽ جبر وصيلي ٻين قومن مذهبن جٿن توڙي عام ماڻهو کي پاڻ جيئان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ته اهو عمل پڻ انتهاپسندي ۾ اچي ٿو ان ڪري اهو لازمي ناهي ته انتهاپسندي واري سوچ توڙي ڪردار رڳو ڪنهن به مذهب ۾ هجي هتي جيئن مذهب کي انتهاپسندي سان ڳنڍي مذهبي انتهاپسندي لکيو پڙهيو ۽ سڏيو وڃي ٿو اسان جو مذهب اسلام آهي ان ڪري ان جو اهو مطلب ته مذهبي انتهاپسندي مطلب ته اسلام جي تنگ نظري يا اسلام جي انتهاپسندي آهي ان جو هڪ سولو مثال انڊيا آهي جتي هندوانتهاپسند لکيو پڙهيو ۽ سڏيو ويندو آهي مطلب ته هندو انتهاپسند آهن اسان وٽ اسلامي انتهاپسندي لکيو ته ناهي ويندو پر جيڪڏهن ڪي به مذهبي ڌريون جڏهن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀرجي بيرحماڻي قتل جهڙن واقعن کي پيدا ڪرڻ جا سبب بڻجندا آهن ته اتي مذهبي انتها پسندي لکيو پڙهيو ۽ سڏيو ويندو آهي ان ڪري ته اهڙن واقعن کي پيدا ڪندڙ اسان جي مذهب سان واڳيل هوندا آهن سڀ کان اڳ اسان کي انتهاپسندي کي مذهب کان الڳ ڪرڻو پوندو ان ڪري ته انتهاپسندي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهين جيڪي ماڻهو مذهب ۾ انتهاپسندي جي ڪارڻ بڻجن ٿا اهو انهن جو ذاتي فعل آهي ان جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي خاص ڪري اسان جي مذهب اسلام ۾. اسان جومذهب اسلام آهي ڇااسان جي مذهب اسلام ۾ ڪنهن به شخص تي ڪو ملان مولوي مفتي يا ڪو مذهبي شخصيت گروهه پاران ڪنهن فرد مٿان گستاخي جوالزام هڻي بنا ڪجهه تحقيق ڪرڻ ۽ شهادت جي ان کي ڊاڪٽرشاهنوازڪنڀر وانگي بيرحماڻي انداز سان قتل ڪرڻ جي اجازت ڏنل آهي؟بلڪل به نه اسان جي مذهب اسلام ۾ بناشهادتن ۽ ثابتيءَ جي چور کي چوري جي سزا ڏيڻ جي به اجازت ناهي ۽ جيڪڏهن اسان جي مذهب سان لاڳايل ڪو به فرد گروهه يا جٿو ڪو ملان مولوي مفتي اسلامي قانون جي ابتڙ اهڙو ڪم ڪري ٿو ته ان جو مذهب اسلام سان ڪو به تعلق ناهي ان ڪري اهڙي عمل کي مذهبي انتهاپسندي بدران انتهاپسندي لکيو وڃي ۽ هرفڪر توڙي طبقي سان تعلق رکندڙماڻهو کي اهڙي عمل جي مذمت ڪرڻ کپي رهي ڳالهه مذهب جي ته ڇا اسان جيڪي روشن خيال آهيون صوفي ازم جا پوئلڳ آهيون ڇا اسان مسلمان ناهيون ڇا اسان هڪ الله تي ايمان ڪو نه ٿا آڻيو ڇا اسان الله جي رسول تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ڇا روشن خيال روزا نه ٿا رکن قبر ۾ دفن نه پيا ٿين الله ۽ الله جي رسول تي ايمان نه ٿا رکن الله جي ڪتابن تي ايمان نه ٿا رکن ڇا اهو سڀئي ڪم رڳو ملان ئي ڪن ٿا؟ڇا مذهب رڳو ملن جو آهي؟ نه روشن خيال توڙي صوفي ازم جا پوئلڳ به الله جي دين جا ايترا وارث آهن جيترو ملان پاڻ کي سمجهن ٿا ڇا اسان شاهه لطيف جي شاعري ۾ بيتن وائين ۾ الله جي وحدانيت کي ظاهر ٿيندي نه ٿا ڏسي سگهون شاهه لطيف جي شائري ۾ اسان ڄمڻ کان قبر ۽ قيامت تائين جي شين کي پڙهي سگهون ٿا سهڻي شاهه لطيف جي شائري ۾ پورو اسلام سمايل آهي پوءِ ڪيئن اسان پنهنجي مذهب کي رڳو ملن تائين محدود ڪيون ويٺا آهيون؟ڇا الله جي دين جا وارث ۽ الله جي رسول مٺڙي محمد ڪريم جا پوئلڳ رڳو ملان ٽولو آهي؟ڇا قرآن رڳو ملان پڙهن ٿا؟ ڇا حج ۽ عمرو رڳو ملان ڪن ٿا؟ زڪوات رڳوملان ڏين ٿا؟ الله جي اوليائن جي درگاهن تي الله جي نالي تي خيرات ملان ڪن ٿا؟نه اسان جو مذهب رڳو ملن جومذهب ناهين اسان جو مذهب هر روشن خيال طبقي فرد توڙي گروهه جومذهب پڻ آهي اصل ۾ اسان کي اهو به سمجهڻ کپي ته صوفي ازم ڇاآهي؟اصل ۾صوفي ازم هڪ اهڙو نظريو سوچ ۽ فڪر آهي جنهن ۾ بنا ڪنهن مذهب ذات رنگ نسل زبان جاگرافيائي حدن توڙي قوم جي هر هڪ ماڻهو کي ان جا حق ۽ برابري مليل آهي صوفي ازم۾ نفرت ظلم توڙي ڏاڍ جي به ڪا گنجائش ناهين ائين کڻي چئجي ته پيار محبت ۽ ڀائيچارو آهي صوفي ازم زندگي گذارڻ جو هڪ مڪمل دستور آهي جنهن ۾ انسان کي برابري مليل آهي سياسي سماجي معاشي مذهبي توڙي شخصي آزادي مليل آهي صوفي ازم ۾ انساينت جو درس مليل آهي هر ڏوهه ۽ ثواب ڌڻي تي ڇڏيل آهي ناانصافيءَ جو ته صوفي ازم ۾ سوچ ئي ناهين پر هتي سوال اهو پڻ آهي ته ڇا اسان جي مذهب اسلام ۾ اهي شيون اسان کي ڪو نه ٿيون ملن؟ ڇا اسلام ۾ بنا ڪنهن مذهب رنگ نسل زبان جي هر انسان کي مڪمل مذهبي سياسي سماجي معاشي آزادي مليل ناهي؟ ڇا اسان جو مذهب اسلام اسان کي انساينت جو درس ڪو نه ٿوڏي؟ اسان جي مذهب اسلام ۾ انسان ذات سان ظلم توڙي جبر ناانصافي ڪوڙي الزام تراشي جي سخت منع توڙي سزا مقرر ٿيل ناهي؟ صوفي ازم توڙي اسلام کي هڪ ٻئي جي سامهون نه ٿو آڻي سگهجي اصل ۾ صوفي ازم اسلام جي حقيقي پيروي آهي پر ملا مولوين اسان جي مذهب جي شڪل کي بگاڙي صوفي ازم ۽ اسلام کي الڳ ڪري بيهارڻ جي ڪوشش ڪندي اسلام کي انتهاپسندي طرف ڌڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي جنهن جو ذميوار مذهب نه پر زبردستي مذهب جو ٺيڪيدار بڻيل ملاازم آهي ان ڪري مذهبي انتهاپسندي وارو تاثر ڏيڻ لکڻ درست ناهين ان ڪري ته انتهاپسندي به دهشتگردي آهي ۽ دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو ان ڪري اسلام جي نالي تي ٿيندڙ ڪنهن به دهشتگردي کي اسلام سان جوڙي مذهبي دهشتگردي لکڻ بدران دهشتگردي ۽ صرف انتهاپسندي لکي اسلام جي لباس ۾ لڪيل دهشتگردن کي نروار ڪجي جيڪي وڏي عرصي کان اسلام جي بدنامي جو سبب بڻجي سنڌ جي روح کي رهڙي رهيا آهن هتي هڪ سوال اهو پڻ آهي ته آخر ڇو اسان جي معاشري توڙي سڄي رياست ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي بيرحماڻي قتل جهڙا واقعا رونما ٿي رهيا آهن؟ ته ان جو اهم سبب ملڪ ۾ قانون جو ڪمزور هجڻ توڙي انصاف نه ملڻ آهي جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي ها ته پوءِ اڄ ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر جيئرو ۽ اسان گڏ ويٺو هجي ها جنهن ڏينهن تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي آئي ڊي تان گستاخيءَ وارا مواد لوڊ ٿيا ته ان ئي وقت قانون حرڪت ۾ اچي ها ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ها ۽ مامري جي جاچ ڪرائي وڃي ها ته آخراهو مواد لوڊ ڪرڻ ۾ ڪنهنجي آئي ڊي ڪهڙي موبائل ڪنهن جو نمبر ۽ ڪنهنجي ڊيٽا استعمال ٿي آهي اڄ ڪلهه اهو سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ بلڪل ئي آسان آهي ان کان پوءِ هرشئي ظاهر ٿي پئي ها ته ان گستاخي واري مواد لاءِ ڊاڪٽرشاهنواز جي موبائل نمبر توڙي ان جي ڊيٽا استعمال ٿي آهي يانه يا رڳو آئي ڊي کي استعمال ڪيو ويو؟ان کان پوءِ پوليس پنهنجي ڪاروائي ڪري ها جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ها کڻي پوليس ائين نه ڪيو ته به پوليس کي اهو حق ڪهڙي قانون ڏنو آهي ته توهان ڪهڙي به قسم جي الزام هيٺ آيل ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪري ان کي بيرحماڻي طريقي ماري ڇڏيو ۽ جمهريون هڻي اهڙي بيرحماڻي قتل تي گل پايو ۽ مبارڪو وٺو؟ پوليس جواهو عمل پڻ انتهاپسندي جي ذمري ۾ اچي ٿو پوليس جيڪو ڪم ڪيو ان جي اجازت جتي قانون ۾ ناهي اتي اسان جي مذهب اسلام ۾ پڻ ناهي اسلام ۾ هڪ بيگناهه ماڻهو کي مارڻ انسان ذات کي مارڻ برابر آهي پر پوليس ڪجهه به ڪرڻ کان قاثر رهي ملائيت جي وهڪري ۾ لڙهندي وئي جڏهن رياست ۾ قانون ڪمزور هجي ته پوءِ اتي اهڙا واقعا ٿي گذرندا آهن حد درجي جو ظلم اهو آهي ته ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر جي لاش کي دفنائڻ به ڪو نه ڏنو ويو ملن سان گڏ عام ماڻهو پڻ ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر جي مڙهه کي دفنائڻ جي مخالف ڪندو رهيو جيڪو انتهائي ڪريل غيرانساني توڙي غيراسلامي عمل آهي ڇا اسلام جا ٺيڪدار بڻيل اهو ٻڌائيندا ته اسان جي مذهب اسلام ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاش کي دفنائڻ کان روڪيو؟ڪنهن مسلمان جي لاش کي ساڙي ڇڏيو اهو ته اسان جي مذهب اسلام ۾ جائز ئي ناهي ته پوءِ ماڻهن ڪيئن ڊاڪٽرشاهنوازڪنڀر جي لاش کي دفنائڻ کان روڪيو ۽ هن جي لاش کي باهه ڏني ڇا ملان ٻڌائي سگهندا ته دين اسلام ۾ ان شئي جي اجازت مليل آهي؟ ڊاڪٽر شاهنواز واري مامري تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ ملان پوليس توڙي بي سمجهه ماڻهو اسلام جي نالي تي استعمال ٿيا باقي اسلام ۾ اهڙن غيرانساني واقعن جي قطئي اجازت ناهي اسلام جي نالي تي غيراسلامي ڪم ڪيو ويو هتي سوال اهو پڻ پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا ڊاڪٽرشاهنوازڪنڀر جي بيرحماڻي قتل جي جاچ مڪمل ٿي سگهندي يا ان فائل کي به بند ڪري ان خون کي لوڙهيو ويندو؟هن وقت سنڌ ۾ ان واقعي خلاف رڳو احتجاج ڪري ان واقعي جي مذمت ڪي پئي ان واقعي جي انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪندو رهيو ته بابا ان مامري جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ان ڪري ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته گستاخي وارو مواد لوڊ ڪندڙن جي به جاچ ٿيندي جي جاچ ٿي ته صرف ڪجهه ڏينهن اندر اهو پتو پوندو ته اهو مواد ڪٿان لوڊ ٿيو ڪهڙي موبائل سيٽ تان لوڊ ٿيو ڪنهنجي ڊيٽا استعمال ٿي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ مستقبل ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو وري اهڙو ڪو واقعو پڻ ٿي سگهي ٿو وري ڪو ڊاڪٽر شاهنواز انتهاپسندي جو شڪار ٿي سگهي ٿو شاهه لطيف جي سهڻي سنڌڌرتي ۾ اهڙن واقعن جي رستاروڪ لاءِ هر ساڃاهه وند کي اهو مطالبو ڪرڻ کپي ته ان مامري جي جاچ ڪرائي وڃي نه ته اهڙا واقعا اسان جي سنڌ جي روح کي زخمي ڪري اسان جي سنڌي سماج مٿان پيا ٽهڪ ڏيئي کلندا رهندا ان لاءِ ڊاڪٽر شاهنواز واري واقعي جي انڪوائري ٿيڻ انتهائي ضروري آهي
جيئن اسان جو هي سنڌي سماج مذهب جي نالي ڪنهن فرد ۽ گروهه جي مفادن لاءِ استعمال نه ٿئي.
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ
هڪ ٻن ڏينهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خوشخبري ملندي: مولانا