اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مراڪش ٻيڙي حادثي ڪيس ۾ وڌيڪ چار انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب، جوابدارن کي گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ گجرات مان گرفتار ڪيو ويو.اختيارين موجب، گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن ۾ اعجاز، طارق، شهباز ۽ تنوير شامل آهن.مکيه ملزم اعجاز، يعقوب نالي هڪ شهري کي سمنڊ ذريعي يورپ موڪليو هو، جنهن دوران يعقوب ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
