ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) نئين پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي مسڪين ماڻھن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا ڀاڄين سميت عام واهپي جي شين جا اگھ چوٽ چڙھيل مسڪين ماڻھو فقط اگھ معلوم ڪرڻ سان ئي هوش اڏيو وڃي ٿو. پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ سبب دڪاندارن پنهنجا هٿ ٺوڪيا اگھ مقرر ڪري اٻوجھ ماڻھن جي کل لاهي ڇڏي انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا ان سلسلي ۾ رهواسين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نئين پاڪستان ۾ جيڪي سور مسڪين عوام ڀوڳيا آهن شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي مهانگائي جو سيلاپ ڪڏھن به نه آيو آهي. مرغي ته پري جي ڳالهه رهي پر سبزي به خريدڻ کان ڇڙهي وئي آهي. عام واهپي جون مختلف ڀاڄيون ۽ ميوا هن ئي سرزمين تان اپائڻ باوجود هتان جا مسڪين رهواسي بصر، ٽماٽر، پٽاٽا، ڪريلا، ڀينڊي،گوار، واڱڻ، توريون صوف، انگور، آڙو، انب، ڪيلا، زردالو ۽ آلو بخارا ننڍو گوشت، وڏو گوشت ،فارمي مرغي، کنڊ، گيھ ،دالين سميت سموريون شيون مهانگي اگھن تي خريدڻ تي مجبور بڻيل آهيون.

ٻئي طرف دڪاندارن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي به واپاري مهانگي مُلھ ۾ سبزيون ۽ فروٽ وڪرو ڪري ڏين ٿا ۽ اسان کي به ٻچا پالڻا آهن.