مريم ۽ بلاول سليڪٽيڊ کان سليڪٽر تائين پهچي ويا،اعجاز مهر

پاڪستاني سياست جي ٻن اهم وڏين پارٽين جي قيادت جيل ۾ آهي ۽ واڳون نوجوان قيادت حوالي آهن، جن تي مخالف ناتجربيڪاري جو الزام هڻندي کين ٻار به سڏيندا رهيا آهن پر انهن ٻارن مريم ۽ بلاول گهڻن جو ساهه مٺ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مريم جي ڀيٽ ۾ بلاول لاءِ پنهنجي پنهنجي پارٽي جي قيادت سنڀالڻ لاءِ مشڪل گهٽ ڏسڻ ۾ آئي چو ته محترمه جي شهادت بعد آصف علي زرداري جنهن نموني پان قيادت سنڀاري پير پختا ڪري بلاول کي اڳتي آندو ۽ سندس قيادت تي پارٽي اندر ايترا اعتراص ڪون ٿيا جيتري محنت ۽ مخالفت جو مقابلو مريم کي بظاهر ڪندي نظر آيو. ٻئي اڳواڻ جنهن نموني پنهنجي پنهنجي پارٽين جي قيادت ڪندي آهستي آهستي عوام ۽ خاص ڪري پنهنجي ورڪرن ۽ همدردن جي دلين ۾ جاءِ والاري رهيا آهن، ان مان ته لڳي ٿو ته هو جلد پاڻ مڃائي وٺندا. ٻنهي پاڪستان جي وزيراعظم کي عمران خان کي پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر سليڪٽيڊ سڏي سڏي ايترو ته بيزار ڪيو جو اسپيڪر کي ان لفظ تي پابندي هڻڻي پئي. ٻنهي وزيراعظم کي نيازي نيازي سڏي ايترو چيڙائي وڌو جو وزيراعظم کي بيان جاري ڪري پنهنجي نالي سان نيازي نه لکڻ جي تلقين ڪرڻي پئي. ان جي باوجود به هي ٻئي “ٻار” مڙن ئي ڪون پيا کيس نيازي ۽ سليڪٽيڊ سڏڻ کان! هاڻي ته هو ٻئي ٻار سليڪٽيڊ کان سليڪٽر تائين پهچي ويا آهن. جنهن تي گهڻن جا ڪن کڙا ٿي ويا آهن ڀروون مٿي ٿي ويون آهن ۽ نرڙ ۾ گهنج پئجي رهيا آهن. اهڙي پريشاني ۾ طاقت جي نشي جا هيراڪ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا پر تاريخ شاهد آهي ته جنهن به جڏهن به ڪاوڙ ۾ طاقت جي نشي ۾ تڪڙا فيصلا ڪيا آهن ته انهن جو نتيجو سندن ڳچي ۾ پيو آهي پوءِ اهي فرد هجن يا ادارا. تازو آمريڪا جي دوري تان موٽي اچڻ بعد عمران خان جنهن نموني چيو ته هو ڪو ملڪي دورو ڪري ناهي موٽيو پر ورلڊ ڪپ کٽي آيو آهي. سندس لب ۽ لهجي ۾ خوشي کان وڌيڪ غرور ۽ تڪبر وڌيڪ نظر آيو ۽ مٿان هن جو اهو چوڻ ته چورن ۽ لٽيرن کي نه ڇڏيندس، سان سندس انا ۽ خواهش جي تسڪين ته شايد ٿي وڃي پر اهڙي خوشفهمي سبب ڪٿي ڳالهه ڳچي ۾ نه پويس. وزيراعظم صاحب ڇوي پيو ته چورن ۽ لٽيرن کي نه ڇڏيندو تمام سٺي ڳالهه آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا چور ۽ لٽيرا رڳو نواز شريف ۽ زرداري آهن ڇا، مان سندن وڪالت نٿو ڪريان، هنن خلاف ثبوتن مطابق ڀلي کين ڦاهي چاڙهيو پر سوال اهو آهي ته هن ملڪ سان 72 سالن تائين کلواڙ ڪرڻ وارن ۾ ٻيا شامل ناهن چا؟ 1947 کان وٺي 1973 تائين بنا آئين هلائڻ واري نوڪر شاهي ۽ قومي مفاد جي اوٽ ۾ راتاها هڻندڙ اقتدار جا اصل وارث به اوترا ئي ذميورا آهن. باباءِ قوم قائدعظم محمد علي جناح کي تڙپائي تڙپائي مارڻ وارا ڪير هئا، مادر ملت جون تصويرون ڪتين جي ڳچين م ٻڌڻ وارا ڪير هئا، نظريه ضرورت وارا ڪير هئا؟  هلو انهن کي ڇڏيو اها پراڻي ڳالهه آهي. 1973 کان پوءِ ڀلا شروع ڪريو؟هن ملڪ تي جيترو وقت نام نهاد سويلين اقتدار ۾ رهيا اوترو وقت وردي وارا حڪمران به رهيا، پوءِ لٺ صرف مخصوص ماڻهن تي ڇو ٿي ڦري؟ هن ملڪ ۾ حقيقي بهتري ۽ ترقي تڏهن ايندي جڏهن هيڻي سان گڏ ڏاڍي کي به قانون جي طابع ڪندا. گنجي ۽ گوڏ واري سان گڏ ڪاري، نيلي ۽ خاڪي وردي واري کي به قانون جي ماتحت آندو ويندو. احتساب جي نالي تي مخصوص ماڻهن خلاف ڪاروائي بدران اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کان پئسا وٺي معاف ڪرڻ سان احتساب ڪون ٿيندو. هن ملڪ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اهڙا سياسي ۽ ڪاروباري خاندان آهن جن جي چوٿين ۽ ٽئين نسل سدائين اقتداري تالاب ۾ رهندي پئي اچي، ڇا اهي سڀ ٺيڪ آهن جيڪي اوهان سان گڏ آهن. هن مهل ملڪ ۾ جيڪا سياسي گهٽ ۽ ٻوسٽ آهي ان سڀني جو ساهه منجهائي ڇڏيو آهي. حڪومت ۽ رياست جا ادارا ٿوري برداشت جو مادو به ڌارين، عدليا ۾ انصاف ڏيندڙ ايماندار جج به برداشت ناهن، ميڊيا ۾ تنقيد ڪندڙ صحافي به قبول ناهن، سوشل ميڊيا تي دل جو بار هلڪو ڪندڙ به اوهان جي اک جو ڪنڊو آهن، وڪيل، سول سوسائٽي،  انساني حقن ۽ عورتن جي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ به ملڪ دشمن آهن ته پوءِ ڪير هن ملڪ جو خير خواهه آهي، جيڪو اوهان جو همنوا هجي، اوهانجا جا سڀ ڪارڊ استعمال ٿي چڪا آهن، ملا مولي، قومي مفاد، غداري جون سندون سڀ وائکا ٿي چڪا آهن هاڻي اوهان جو پنهنجو وارو آهي. اوهان ميديا تي پابنديون هڻي “ٻارن” جي جلسن جي ڪوريج نٿا ڪرڻ ڏيو. ٻار به سياڻا ٿي ويا آهن ۽ مک ميڊيا ايونٽ سان گڏ سائيڊ ميڊيا ايونٽ به اهڙي طرح ٿا پيدا ڪن جو ميڊيا ان جي ڪوريج تي به فوڪس بنا رهي نٿو سگهي. مثال طور بلاول اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي ٿو پر مريم ته هن کان به اڳتي آهي. عدالت وئي ته نواز شريف کي آزاد ڪريو جي نعري ۽ سندس تصوير وارو لباس پائي آئي، تازو بلوچستان ۾ جلسو ڪيو ته بلوچي ڀرت ۽ ڪڙهائي وارو خوبصورت لباس جتي ڏسندڙن جو ڌيان ڇڪايو تي ميڊيا به ان جي ڪوريج کان رهي نه سگهي. پاڪستاني سياست جنهن لاءِ مشهور آهي ته اها ڪوئلي جو ڪاروبار رهي آهي جنهن ۾ سڀني جا هٿ ۽ منهن ڪارا آهن ۽ سڀني جا ٿوار گهڻا ثبوت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هر ڪنهن وٽ آهن. مريم نواز جي ڌمڪين ۾ وزن لڳي ٿو ڪٿي ايئن نه ٿئي جو هي ٻار ٻاراڻي ڪري وجهن ۽  مقدس چهرا بي نقاب ٿي وڃن. هي ٻار سليڪٽڊ کان سليڪٽر تائين پهچي ويا آهن، باق نقاب هٽجڻ ۾ هڪ اڌ ڏاڪو ئي نظر اچي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو