مسلم ڪميونٽي سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون: آمريڪي صدر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ مسلم ڪميونٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ افطار ڊنر کي مختصر خطاب به ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي مسلمان دوستن کي رمضان جي مبارڪ، افطار جي اها روايت خوشيون ورهائڻ ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي. سندس چوڻ هو ته رمضان جي وڏي اهميت آهي، هيءَ روحاني عبادت جي موسم آهي. ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ تي مسلم ووٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته مسلم ڪميونٽي سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو