مشرف بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلنج ڪبو،ساقي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊ ۾ عابد ساقي بنا مقابلي وائيس چيئرمين چونڊجي ويو. سندس صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف خلاف فيصلو ڏيندڙ خصوصي عدالت جي تشڪيل کي غير قانوني قرار ڏيڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. عابد ساقي وڪيل برادري ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، سندس تعلق عاصمه جهانگير گروپ سان رهيو ۽ پيپلز پارٽي جو به جيالو آهي. پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو جاري ڪيل بيان ۾ کيس ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وڪيل برادري ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ مدت مڪمل ڪندڙ وائيس چيئرمين سيد امجد علي شاهه کي ڀرپور خراج پيش ڪيو ويو ته هن پنهنجي ذميواري احسن نموني ادا ڪئي. اٽارني جنرل انور منصور خان جي سربراهي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جون چونڊون منعقد ٿيون. جنهن بعد 22 ميمبرن تي مشتمل پاڪستان بار ڪائونسل جي ٿيل پهرين اجلاس ۾ چيو ويو ته هن اسٽيج تي پرويز مشرف بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راءِ غير ضروري هئي. اجلاس ۾ آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت به غور ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ان بابت درخواست جي پويان ڪجهه ٻيا محرڪات يا سبب هئا. اجلاس ۾ ايڊوڪيٽ انعام الرحيم جي حراست تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سندس ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جو به فيصلو ڪيو . اجلاس ۾ ججن جي ڀرتي جي طريقه ڪار تي پنهنجو موقف ورجائيندي چيو ته ان معاملي ۾ غير شفاف انداز اختيار ڪيو ٿو وڃي ۽ واسطيدار حلقن کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. پي بي سي سفارش ڪئي ته جھوڊيشل ڪميشن پنهنجي قاعدن ۾ بار جي سفارشن موجب تبديلي آڻي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پي بي سي پارليامينٽ کي آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم جي سفارش ڪئي هئي جيئن اعليٰ عدالتن جي ججن جي ڀرتي ۾ جوڊيشل ڪميشن، پارليامينٽ ۽ بار کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ملڻ گهرجي. پي بي سي خيبرپختونخواه ۾ سول پروسيجر ڪوڊ ۾ ترميم ۽ منشيات جي وڪري ۽ استعمال بابت قانون سازي کي رد ڪندي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو ته هو ان تي نظر ثاني ڪري. اجلاس ۾ گذريل مهيني لاهور ۾ اسپتال تي حملي تي به غور ڪيو ويو ۽ صوبائي بار ڪائونسل کي ذميوارن خلاف ڪاروائي جي هدايت ڪئي وئي. عابد ساقي چيو ته آئنده وڪيل هڙتالن جي فيصلن ۾ احتياط ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو