مصباح فارغ اينڊي فلاور نئون ڪوچ مقرر ٿيندو، شعيب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر دعويٰ ڪئي آهي ته نيوزيلينڊ ۾ ٽيم جي بدترين شڪست بعد مصباح الحق کي هيڊ ڪوچ جي عهدي هٽائڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي ۽ پي ايس ايل سيريز بعد اينڊي فلاور کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو. اهڙي دعويٰ هن پنهنجي يو ٽيوب چينل تي ڪئي آهي. هن چيو ته وقار جهڙا سينئر ۽ عظيم بالر مصباح جهڙي شخص جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندا ۽ نوڪري بچائڻ ۾ پورا هوندا ته پوءِ سندن ڪير ڳالهه ٻڌندو. هن چيو ته پي ايس ايل سيريز ۾ ايندي فلاور ملتان جو ڪو چ آهي هو سيزن ڪمائي بعد ۾ جوائن ڪندو. هو مڪمل ٽيم پنهنجي آڻيندو. هن چيو ته موجوده ڊاڪٽر سهيل سليم جنهن جو پنهنجو وزن 302 ڪلو آهي هو ٽيم کي ڇا فٽ رکندو. پي سي بي جو دنيا ۾ خراب ترين ميڊيڪل پينل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو