مصباح پاران نيٺ چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباالحق هڪ عهدو ڇڏڻ جو في اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ بدستور هيڊ ڪوچ طور ڪم جاري رکندو. هنکي ڏيڍ سال اڳ ڪرڪٽ بورڊ کيس ٻئي اهم عهدا ڏنا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان سميت ناليوارا ڪرڪٽر مٿس تنقيد ڪري رهيا هئا ته ٻئي اهم عهدا آهن ۽ انهن جي مهارت ۽ ذميواري مختلف آهي. سڪندر بخت ۽ عاقب جاويد جو چون آهي ته مصباح الحق کي ڪوچنگ جو ڪو به تجربو ناهي، هن وري غلط فيصلو ڪيو آهي هو چيف سليڪٽر جوعهدو رکي ۽ هيڊ ڪوچ جو عهدو ڇڏن گهرجي پر هن وري ابتو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو