مصري شاهه ٽورنامنٽ، علي وارث ڪلب فائنل کٽي ورتي

نئون ديرو( رپورٽ شاد محمود ڀٽو)پيرآف گمبٽ سيد مصري شاہ جيلاني جي ياد ۾ فائنل ڪرڪيٽ مئچ  ميونسپل اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿي ،سخت مقابلي بعد علي وارث ڪلب مئچ کٽي ورتي ، رنر اپ ۽ ونراپ ٽيمن ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا.نئون ديرو جي نوجوانن  غلام مرتضي’ مڱڻيجو ، ونيش ڪمار،ڪمليش ڪمار ،سونو ڪمار طرفان  پير آف گمبٽ ۽ نئون ديرو جي روحاني شخصيت سيد مصري شاہ جيلاني رح جي ياد ۾  شھيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم نئون ديرو ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ ضلعي جي مختلف ٽيمن حصو ورتو ،جڏھن ته فائنل مئچ  ٻن ٽيمن دي ڪلب ۽ علي وارث ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٿي ،ٽاس کٽي علي وارث پھريان بيٽنگ ڪندي اٺن اوورن ۾  120 اسڪور ٺاھيو جڏھن ته دي ڪلب بيٽنگ ڪندي سخت مقابلو ڪيو پر مقرر اوورن ۾  اسڪور چيز نه ڪري سگھيا 90 اسڪور ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ علي وارث ڪرڪيٽ ڪلب 30 رنسن تان مئچ کٽي ورتي مھمان خاص سيد مصري شاھ رح جي فرزند گادي نشين سيد بھادر علي شاھ کٽيندڙ علي وارث ڪلب واري ٽيم کي ٽرافي ۽ ٻه ھزار روپيا ڪيش انعام ڏنو،جڏھن ته علي وارث ڪلب جي سھيل احمد آگاڻي ،عبدالرحمان کوکر جي بھترين ڪارڪردگي سبب مئچ ۾ سوڀ ڏياري،ان کان علاوہ نئون ديرو ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳواڻن شمشاد علي ڦلپوٽو ،جبران پھوڙ،محمد علي خروس ،اختيار علي مڱڻيجو ۽ نئون ديرو پريس ڪلب جي سينئر صحافين،حسن عابد ڀٽو ،خليل الله مڱڻيجو ۽ نئون ديرو سينئر استاد پرڪاش ڪمار  بھترين راند کيڏندڙ رانديگرن ۾ انعام ۽  ٽرافيون تقسيم ڪيون  ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.ٻئي طرف راند ۾ ڪمپيئرنگ جا فرض نوجوان عبدالمنان ڀٽو  سرانجام ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو