غزا (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته غزا ملبي جو ڍير بڻجي چڪو، مصر ۽ آمريڪا جي جنگبندي جي ڪوشش اميد جو ڪرڻو آهي.غزا ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اڄ غزا اونداهيءَ جي دور مان گذري رهيو آهي، هزارين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، غزا جو بنيادي ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي مسلم دنيا مان فوري طور ردعمل جا طلبگار آهيون، پاڪستان جنگبندي جي قدمن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، غير يقيني صورتحال جو خاتمو رڳو امن سان ئي ممڪن آهي. سندس چوڻ هو ته جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ جبر جي اسرائيلي خواهش کي گڏجي روڪڻو پوندو، مصر ۽ آمريڪا جي جنگبندي جي ڪوشش اميد جو ڪرڻو آهي.
