ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان قريشي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت جوابدار جي وڪيل جي عبوري چالان جمع ڪرائڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جاچ آفيسر جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوابدار ارمغان قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته هو ڪهڙيون رپورٽون کڻي آيو آهي، جاچ آفيسر جوابدار جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان هڪ ڊي وي آر،هڪ پرڪشن ساز ۽ هڪ آئي فون به هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار جي جسماني ريمانڊ ۾ 17 مارچ تائين واڌ ڪئي وڃي، جوابدار جي وڪيل عابد زمان موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪئي وڃي، جسماني حراست جي ضرورت ناهي ۽ جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي، وڪيل دعويٰ ڪئي ته پراسيڪيوشن اسٽيڪ جي وصولي بابت ڪوڙ ڳالهايو هو، ۽ اسٽيڪ ٻئي ڏينهن ئي واپس ورتو ويو هو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جسماني رمانڊ ڪيترو وقت تائين رهي ٿو؟ جوابدار جي وڪيل چيو ته اي ٽي سي ۾ 30 ڏينهن جو ريمانڊ ڏئي سگهجي ٿو، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڪيس ڊائري ۽ پيش رفت رپورٽ ڪٿي آهي؟ بعد ۾ عدالت جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت جوابدار جي وڪيل جي عبوري چالان جمع ڪرائڻ جي درخواست تي جاچ آفيسر ۽ ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جوابدار کي سندس والدين سان 5 منٽن لاءِ ملڻ جي اجازت ڏيندي پڇيو ته ڇا هٿ ڪيل شيون ساڳئي وقت سيل ڪيون پيون وڃن؟ جاچ آفيسر چيو ته هٿ ڪيل شين کي سيل ڪيو پيو وڃي، عدالت جوابدار ارمغان قريشي کان پڇيو ته ڇا ڪا مار پئي هئي؟ ملزم ارمغان شڪايت ڪئي، “مان پنهنجو مٿو نه ٿو هلائي سگهان.
