مصنوعي ذهانت، روبوٽ جي پهرين تصوير 30 ڪروڙ ۾ نيلام

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)هڪ انسان نما روبوٽ انگريز رياضي دان ايلن ٽيورنگ جي تصوير ٺاهي آهي. هي پهريون آرٽ ورڪ آهي جيڪو ڪنهن روبوٽ پاران ٺاهيو ويو آهي. اها تصوير خميس تي نيويارڪ ۾ 10 لک 80 هزار ڊالر يعني 30 ڪروڙ روپين ۾ نيلام ٿي آهي. 2.2 ميٽر (7.5 فوٽ) تصوير، جنهن جو عنوان آهي “AI God. Portrait of Alan Turing”، Ai-Da پاران ٺاهيو ويو، پينٽنگ جي خريداري لاءِ 27 ٻوليون لڳيون. پهرين اندازو لڳايو ويو هو ته هي پينٽنگ هڪ لاک 20 هزار کان هڪ لک 80 هزار ڊالر ۾ وڪرو ٿيندي پر اهي اندازا غلط ثابت ٿيا. هي نيلامي خميس تي منعقد ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو