مضبوط معيشت کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته مضبوط معيشت ۽ بهتر پرڏيهي لاڳاپن کان سواءِ ملڪ ترقي نٿوڪ ري سگهي. بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُالله سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل تعاون تي زور ڏنو ويو.انهي موقعي تي وفاقي وزير راڻا ثناءُالله چيو ته سياسي استحڪام ۽ ترقي ملڪ لاءِ ضروري هوندي آهي جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ سان ئي ملڪن ۾ استحڪام ممڪن ٿي سگهندو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.راڻا ثناءُالله چيو ته مضبوط معيشت ۽ بهتر پرڏيهي لاڳاپن کان سواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستاني ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو