نوشهروفيروز (ن س) آپڪا پاپوليشن ويلفيئر يونٽ نوشهروفيروز جي ملازمن پاران ٽائيم اسڪيل نه ملڻ، ملازمن جو اپ گريڊ نه ٿيڻ، ميل موبلائيزرن کي پڪو نه ڪرڻ سميت ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيس جي تالابندي ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي آپڪا ضلعي صدر ذاڪر مراد ابڙو، غلام مرتضيٰ ڦل، منظور کوسو، ابراهيم خاصخيلي، انيلا هڪڙو، ميڊم مختيار عباسي غلام مصطفيٰ چانگ، ساجد عباسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سنڌ اندر سڀني کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ٿو پر پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ ناانصافي آهي ۽ ڪيترن ئي ملازمن کي اپ گريڊ ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته ڪچن ميل موبلائيزر ملازم ڪيتري عرصي کان ايمانداري سان ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن پر انهن کي به هن مهل تائين پڪو ناهي ڪيو ويو. جنهن ڪري ملازمن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي. هنن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صحت جي وزير سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آپڪا پاپوليشن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ سان گڏ اپ گريڊ ڪري ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں