مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين

پشاور: (ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسلام آباد احتجاج جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آهي. هن ڀيري مطالبا منظور ٿيڻ تائين واپس نه وينداسين.صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته عليمه خان احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي احتجاج جي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مختلف تعليمي بورڊز جي شاگردن جي راندين جي مقابلي جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان چيلنجز جو مقابلو ڪندا ته مضبوط انسان بڻجندا. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته وسيلن جي اندر نوجوانن کي موقعا ڏني وڃن.علي امين گنڊاپور مقابلن ۾ شريڪ سمورين ٽيمن جي لاءِ 50 هزار روپيه في ٽيم جو اعلان ڪندي چيو ته مون کي اميد آهي ته اهي ٻار اسان جي ملڪ کي پريشانين مان ڪڍندا.

پهنجو تبصرو موڪليو