مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) نيلم وادي نگدر ڪناري جي ڀرسان ڄاڃين سان ڀريل جيپ حادثي جو شڪار ٿي نيلم درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت جڏهن ته گهوٽ زخمي ٿي پيو.ريسڪيو 1122 موجب ڄاڃين سان ڀريل گاڏي روڊ تان گذري رهي هئي ته اوچتو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري نيلم درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا جڏهن ته گهوٽ زخمي ٿي پيو آهي. ريسڪيو 1122 جي ڪارڪنن موجب سيءَ گهڻو هجڻ ۽ پاڻي ٿڌو هجڻ جي ڪري ڪارڪنن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.ڊي ڊي ايم اي نيلم موجب فوت ٿي ويلن ۾ صابر ولد محمد يوسف، افضال ولد نثار، شيراز ولد حيدر زمان، محمد اجمل ولد سليمان رهندڙ مانسهره جا شامل آهن. لاشن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل گهوٽ نقاش ولد اورنگزيب جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
اقبال ۽ قاديانيت = حقيقت يا افسانو
ڪمشنر ڪراچي تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي
ڪرنٽ لڳڻ سان ٻار جو موت، ڪي اليڪٽرڪ تي 1 ڪروڙ 93 لک ڏنڊ
کوسا برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل
هاري ڪانفرنس، زمينون ھارين کي ڏيڻ ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو
ابراهيم حيدري ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پر اسرار نموني بيهوش، 1 فوت
مريد شاخ ۾ زال مڙس هٿان ڇريون ھڻي قتل،جوابدار فرار
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊر پاس رڳو 42 ڏينهن ۾ مڪمل
انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، بابا۽ پوڙها سياستدانن نه ٿا سمجهن
گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڪم نه رڳو دوکو ڏئي رهي آهي
چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي ٿيندو
اسان مجبوري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: عمر ايوب
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
پي اي سي جي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ کان نالو طلب
عارف علوي جي 14 فيبروري تائين راهداري ضمانت منظور
ڪسٽم جي ڪارروائي، هڪ لک پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ
ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي
جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد
سول نافرماني سڏ تي عمل ٿيو ته ملڪ کي ڪافي نقصان پهچندو
سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو