معاشي بحران.سامراجي ٽڪراء ۽ طبقاتي بغاوتون

طفيل مگسي
سرمائيداراڻي نظام جو بحران پنهنجي شدت ۽ ڪشادگي ۾ مسلسل واڌاري سان گڏ تمام گهڻو ڳوڙھو ٿي رهيو آھي.جيڪو هڪ گهڻ طرفو بحران آھي.جيڪو معاشي(گهڻي پئسي.کوٽ ۽ قرض) ماحولياتي(موسمياتي تبديلين.بيمارين) سامراجي جيو پوليٽيڪل مفادن جي ٽڪراء(جنگيون.عالمي ڊوڙ ۽ ورهاست )جي شڪل ۾ پنهنجو اظھار ڪري رهيو آھي بلڪ سڀ کان وڌي ڪري هڪ نظرياتي بحران جو پڻ سامهون آھي.هڪ مسقتل غير مستحڪم آھي.معشيت سنڀالي نه پئي وڃي.سياست ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي وچ ۾ لمي رهي آھي.ماحولياتي تباهي هن ڌرتيء جي گولي تي زندگي کي محرومي جي خطري ۾ وجهي رهي آھي.2008ع جي مالياتي ٽوڙ ڦوڙ امريڪا جي معاشي.سياسي ۽ سفارتي بالادستي کي ڪافي تيز ڪري ڇڏيو آھي.خاص طور کان عراق ۽ افغانستان ۾َ شڪست کانپوء امريڪا جي بالادستي ڪمزور ٿيڻ کانپوء افريقا.وچ اوڀر.ڏکڻ ايشيا ۽ لاطيني امريڪا ۾ چين ۽ روس سميت سامراجي طاقتن جي مداخلت نون ٽڪرائن کي جنم ڏنو آھي.اچو ته ان منظرنامي جو تفصيلي جائزو وٺون ٿا.
مشڪلات جي ور چڙھيل عالمي معشيتون.
گذريل هفتي ورلڊ بينڪ عالمي معشيت جي حوالي کان پنهنجو نقط نظر پيش ڪيو آھي.جنهن ۾ معاشي ماهرن جو چوڻ آھي ته عالمي معشيت گذريل ٽن سالن جي ڀيٽ ۾ 2024ع ۾ مستحڪم ٿيڻ ڏانهن وڃي رهي آھي.معشيت جيڪا 2023ع ۾َ ريسيپشن کان بچي وئي آھي ۽ ھينئر اها هڪ “سافٽ لينڊنگ“ڏانهن وڃي رهي آھي.عالمي حقيقي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 2.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آھي.اهو درست آھي ته عالمي جي ڊي پي وڌيڪ سوڪهڙي کان بچي ويو آھي.ليڪن خاص طلر کان اوله جون عالمي وڏيون معشيتون اڃا به ماٺار جو شڪار آھين ۽ عالمي معاشي شرح جي واڌ بيماري کان اڳ3.1 سيڪڙو جي سطح کان اڃا به نهايت گهٽ آھي.اها سموري واڌ جي شرح به چين .ڀارت.روس ۽ ملائيشيا وغيره جي معاشي واڌ جي بنياد تي حاصل ڪئي وئي آھي.ترقي يافته ملڪن جون معشيتون اڃا به اٽڪل ماٺار جون شڪار آھن.ترقي پذير ملڪن جون معشيتون2019ع جي سطح کان هيٺ وڃي چڪيون آھن.جڏھن ته ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن جي آمدني جو فرق وڌڻ ڏانهن وڃي ڇڪو آھي.ان کان علاوه جڏھن اسان وڌيڪ معشيتن جو ڳوڙھائي ۾ جائزو وٺون ٿا ته نام نهاد“سافٽ لينڊنگ“هڪ ڀوڳ لڳي ٿي.جي 7ملڪن جي سڀ کان بهتر ڪارڪردگي امريڪي معشيت جي آھي.ڪرونا بحران ۽ 2022ع جي ريسيپشن کانپوء گذريل ڏھاڪن ۾ ڏي وٺ جي ماٺار کان بچي وئي آھي(يورپ کي تيل ۽ گيس جي برآمدات) انفراسٽيڪچر منصوبا.گهريلو گراهڪن جي گڏ ٿيل بچتن جي کپت) اهي اهڙا عنصر هئا.جنهن جي سبب امريڪا جي معشيت واڌ حاصل ڪئي.ليڪن 2024ع جي پهرين ٽن مهينن ۾ وري معشيت سست رفتاري جو شڪار آھي.يورپي يونين جون اٽڪل سموريون معشيتون 2023ع ۾ سوڪهڙي يا ماٺار جون شڪار رهيون آھن.جاپان ۽ ڪئنيڊا جون معشيتون به سوڪهڙي ۽ ماٺار جي سبب پريشان ٿيون آھن.ساڳئي صورتحال آسٽريليا جي به آھي.جي 7 ۾َ بدترين صورتحال برطانيه جي رهي.دنيا ۾ سڀ کان بهتر صورتحال اڀرندڙ معشيتن جي رهي جنهن ۾ ڀارت 6سيڪڙو ۽ روس جي شرح 3سيڪڙو رهي.روس جي مامري ۾ معاشي واڌ جي پٺيان اڪثر ڪري جنگي حقيقت آھي.برازيل 1سيڪڙو کان هيٺ ۽ ڏکڻ افريقا معاشي کوٽ جو شڪار آھي.باقي ٻين ملڪن جي صورتحال نقصان واري ٿي رهي آھي.ان سڀ جي باوجود ڪابه معشيت2008ع ۽2019ع جي سطح تي بحال نٿي سگهي.بلڪ هڪ مسلسل زوال ۾ آھي.ترقي يافته ملڪن ۾ پيداواري عمل مسلسل زوال واري ڪيفيت ۾ آھي.جنهن جي وقتي ڏيوالي ۾ به ڪا خاص کوٽ ڏسڻ ۾ نه آئي.ڪرونا جي وبا کانپوء وڏن معشيتن ۾ قيمتون 20 سيڪڙو واڌو ٿيون.امريڪا ۽ يورپ ۾ کي 2 سيڪڙي تائين هيٺ آڻڻ جا نشانا پورا نه ٿي سگهيا ۽ اهو نشانو هينئر 2026ع ۾ پوري ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.يورپي اينٽرل بينڪ وياج جي شرح ۾ 0.25 کوٽ ڪئي آھي.جڏھن ته امريڪا ۾ وياج جي شرح کي 5.5 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رکيو ويو آھي.جنهن کان مهانگن قرضن جي سبب نئين سرمائيڪاري مشڪل ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ۽ ملڪ وياج جي ادائيگي ۽ نون قرضن جي حاصلات ۾ مشڪلاتن جو شڪار رهندا.
امريڪا ۽ يورپ ۾ شرح جي واڌ سست ٿيڻ جا ٻه سبب آھن.هڪ ته ڪارپوريٽ نفعن ۾ کوٽ ۽ ٻيو بلند وياج جي شرح.جنهن جي ڪري گهريلو گراهڪن ۽ بنا نفعي بخش ڪمپنين کي قرض وٺڻ ۾ مشڪلات ٿي رهي آھي.جيڪا اڳتي هلي ڪري ڏيوالپڻن جي هڪ سلسلي کي جنم ڏئي سگهي ٿي.
امريڪا ۾ نام نهاد ست سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالوجي ڪمپنين جا ڪافي چرچا آھن.هن وقت ڏھن وڏين ڪمپنين جو مارڪيٽ ويليو سموري عالمي مارڪيٽ جو 13سيڪڙو آھي.جن جو مجموعي ڪاٿو 12هزار ارب ڊالرز آھي.
2008ع جي ڊاٽ ڪام ببل جيڪو 9.9سيڪڙو هو سڀ کان وڌيڪ بلند آھي.انهن شاندار ست (ٽي ايلفا بيٽ.ايمازون.ايپل.ميٽا.مائيڪرو سافٽ.اينويڊيا ۽ مٽيلا) جي گذريل سالن جي ڪمائي ۾ 58سيڪڙو واڌارو ٿيو آھي.جڏھن ايس اينڊ پي 500انڊيڪس جي باقي 493ڪمپنين جي ڪمائي ۾ واقعي کوٽ ٿي آھي.
اليڪٽرڪ ڪارن ۽ مصنوعي ذھنيت کي وٺي ڪري هڪ بخار موجود آھي.جنهن جو دارومدار امريڪا ۾ وياج جي شرح ۾ وڏي کوٽ تي هو.جيڪا نٿي سگهي.امريڪا ۾ پيداواري سيڪٽر ۽ غير پيداواري سيڪٽر جي وياج جي شرح جو دارومدار قرضن تي آھي.جيڪو فيڊل ريزرو(مرڪزي بينڪ) جي نئين پاليسي جي تحت وياج جي شرح ۾ ڪا کوٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ قرضن وارن جي لاء مشڪلاتون کڻي اچي رهيو آھي.
وڌيڪ سنگين عالمي ڏاکڻن ملڪن جو آھي.عالمي قرضن ۾ گذريل سال 15هزار ارب ڊالرز جي واڌاري سان گڏ ھينئر مجموعي عالمي قرض313هزار ارب ڊالرز تائين وڃي پهتو آھي.(هڪ انفازو باقي اندازا ان کان وڌيڪ جا ٿي سگهن ٿا) سو جي ويجهو ملڪ قرض جي ادائيگي جي سبب کان ڪٽوتين جون پاليسيون نافذ ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.جنهن کان پولورائيزيشن ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ شدت ايندي.جيڪا صورتحال اسان ٻين ڪيترن ئي ملڪن سميت لبنان.سريلنڪا.سوڊان ۽ ويجهر وارن ڏھاڙن ۾ ڪينيا ۾ ڏسندا اچون ٿا.
ماٺار جون شڪار منڊيون ٻاهرين واپار جي وسيلي به هينئر ان مسئلي کي حل نٿيون ڪري سگهن .ڪرونا وبا ۾ واپاري کوٽ کانپوء 2023ع ۾ به عالمي واپار ماٺار جو شڪار رهيو آھي.امريڪا.يورپ ۽ چين جي خلاف نئين واپاري پابندين جو لشڪر پيدا ڪري ڇڏيو آھي.ليڪن چين کي ته ڪو خاص فرق ناهي پئجي رهيو.ليڪن انهن پابندين جي قيمت آمريڪي ۽ يورپي گراهڪن کي مهانگي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آھي.2008ع کانپوء عالمي واپار ۽ سرمائيڪاري جي تناظر ۾ گلوبلائيزيشن هڪ عمومي زوال جو شڪار بڻجي رهي آھي.
نفعي جي شرح جو بحران.
ڪارل مارڪس سرمايي ۾ لکيو هو ته“عمومينفعي جي شرح ۾َ کوٽي سرمائيداراڻي پيداواري طرز جو هڪ خاص اظھار هوندو آھي.اها محنت جي سماجي پيداواريت (Productivity ) جي ارتقا جي نشاندهي ڪري ٿو.ان جون اهي معنائون ناهن ته عارضي طور تي نفعي جي شرح جي کوٽي جا ٻيا سبب نٿا ٿي سگهن.ليڪن جيڪڏھن اسان سرمائيداراڻي پيداواري طريقي جو فطرت جي حوالي کان جائزو وٺون ٿا ته ثابت ٿيئي ٿو ته ان جي ارتقا ۾(Surplus value )جي عمومي شرح نفعي جي کوٽي ۾ پنهنجو اظھار ڪري ٿي.ڇوته زنده روزگار جي محنت جو وڏو انگ پنهنجي پيدا ڪيل مادي محنت(مشينري ۽ ٽيڪنالوجي) جي مقابلي ۾َ مسلسل تباهي جو شڪار ٿيئي ٿي.زنده محنت جو حصو مجموئي سرمايي جي قدر جي مقابلي ۾ لازمي طور تي مسلسل ڪرندو وڃي ٿو.ڇوته(Surplus value) کان مجموعي لڳايل سرمايي جي ڀيٽ ئي نفعو بڻائي ٿي.ان ڪري اها شرح ڪري پوي ٿي.“سرمايو“جلد3.باب 13).
نفعي جي شرح ۾َ کوٽ جو لاڙو ڪيترن ئي ملڪن جي وڌيڪ مسئلن يا ٽڪرائن کي جنم ڏيڻ ۾َ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو.پيداواري وسيلن جي ترقي ۽ ۽ نئين روزگار جي جوڙجڪ جي لاء گهربل نئين سرمائيڪاري به نفعي کان حاصل ٿيئي ٿي.
قرضن جي واپسي جو عمل به نفعي جي شرح جي جي سبب کان مشڪل ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪمپنين ۽ ملڪن جي قرضن جو اندازو وڌڻ کان ڏيوالي جو خطرو به وڌي وڃي ٿو.انهيء ريت دولت جي واڌ ۽ سرمائيدار طبقي جي ارتقا جي لاء به نفعا گهربل هوندا آھن.
نفعي جي شرح کي برقرار رکڻ جي لاء سرمائيدارن کي(Surplus value)ڌارو ڪرڻو پوي ٿو.جنهن جي ڪري اجرتن ۾َ گهٽتائي ڪئي وڃي ٿي.پيداواري عمل کي تيز ڪيو وڃي ٿو ۽ وڌيڪ جديد مشينري ۽ ٽيڪنالوجي جو تعارف ڪرايو وڃي ٿو(اهو آخري جادوگر ڊگهي عرصي ۾ وري نفعي جي شرح کي ڪيرائڻ ڏانهن وڃي ٿو) ان کانسواء پيداوار به ٻين علائقن ۽ خطن ۾ منتقل ڪئي وڃي ٿي ۽ جتي اجرتون گهٽ هجن.معشيت جي وڌيڪ نفعي ڏيندڙ شعبن جي نجڪاري ڪري انهن کي سرمائيدارن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.انهيء طريقي کان وقتي طور تي نفعي جي شرح کي بحال ڪري سگهجي ٿو.جيئن 1980ع کانپوء نيو لبرل معاشي پاليسين جي وسيلي ڪنهن حد تائين نفعي جي شرح کي بحال ڪيو ويو هو.ليڪن ڊگهي عرصي ۾ سرمائيداري جي خمير ۾َ موجود ٽڪرائن جي سبب نفعي جي شرح ۾ کوٽ جو لاڙو برقرار رهي ٿو.انهيء کان مختلف شڪلين ۾ وري وڌيڪ پيداوار جو بحران به جنم وٺي ٿو.اهو عمل گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري آهي.پيداواري عمل ۾َ نفعي جي شرح جي کوٽ جي غير پيداواري شعبي(اسٽاڪ مارڪيٽ.رئيل اسٽيٽ.گورنمينٽ بانڊز وغيره) ۾ جوا.مالياتي هير ڦير ۽ ڪرپٽو ڪرنسي جهڙا بوڻيا بڻائي ٿي.جنهن ۾ قيمتون ان قدر وڌي وڃن ٿيون ته اهي اصلي قدر کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي وڃن ٿيون.جيڪي پوء ڪريش ۽ مالياتي بحرانن جي صورت ۾ پنهنجو اظھار ڪري ٿي.هن وقت به يورپ ۽ امريڪا ۾ اهو لاڙو وري 2008ع جي ڪريش جي شڪل ۾ ٻيهر ڦاٽي ڪري سرمائيداري کي هڪ ٻئي وڏي مالياتي بحران جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو.جيڪو لاچار طور تي معشيت جي ڳوڙھي زوال تي ختم ٿيندو.
گذريل ڏھاڪن ۾ نفعي جي شرح جي بحران جو هڪ ٻيو اظھار منڊين جي تيز پکيڙ ۽ گلوبلائرزيشن جي قورت ۾ نظر آيو هو.جنهن ۾ نفعن ۾َ واڌاري جي لاء سستي ليبر وارن ملڪن ۾ پيداوار کي منتقل ڪيو ويو.ليڪن اڄ امريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري پابندين ۽ تحفظاتي پاليسين جي شڪل ۾َان جي بربادي ڏسڻ ۾ اچي رهي آھي.جنهن کان عالمي سطح تي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراء ڀڙڪي رهيا آھن.اهي سموريون پاليسيون جيڪي ماضي ۾ بحران کان نڪرڻ جي لاء اپنايون ويون هيون اڄ پنهنجي ابتڙ ۾ بدلجي ڪري نون مسئلن کي جنم ڏئي رهيا آھن.
سرمائيداري پنهنجي ماضي جا سمورا آپشنز استعمال ڪري چڪي آھي.ان جي حفن ۾ نفعي جي شرح جي بحران جو ڪو حل موجود ناهي.سرمائيداري جي بحران جو هر پاسو هن ڳاله جو ثبوت آھي ته اهو نظام پيداواري قوتن کي ترقي ڏيڻ ۽ انسانيت کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت وڃائي چڪو آھي.بلڪ دولت جي ٻن بنيادي فطرت ۽ انسانيت جو بينظير تباهي ڪري رهيو آھي.سرمائيداراڻو نظام مڪمل رفتار سان گڏ ۽ ڪنهن بريڪ جي بنا انسانيت کي بربريت ۽ خاتمي ڏانهن ڌڪي رهيو آھي.موجوده نظام ۾ ان بربادي کي روڪڻ يا واپس آڻڻ ممڪن ناهي.ڇوته ان نظام جي خصلت ۾ نفعي جي شرح جي بحالي جي تباه ڪندڙ ڪوشش جي برخلاف وڃڻ جي صلاحيت ناهي.
سماجي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراء.
موجوده عالمي بحران جو هڪ اهم سبب سامراجي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراء جي وڌندڙ شدت آھي.وڏين سامراجي طاقتن جي وچ ۾ ٽڪراء .علائقائي جنگيون ۽ اڌ بيٺڪيتي ملڪن جي خلاف سامراجي جارحيت ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي.ان جو سڀ کان وڏو سبب امريڪا جي ڪمزوري ۽ چين جي معاشي ۽ فوجي اثر و رسوخ ۾ واڌارو نمين منڊين ۽ علائقن تي پنهنجي بالادستي ۡ۽ حصيداري تي عالمي جهڳڙو آھي.
عراق ۽ افغانستان ۾َامريڪا جي ذلت واري شڪست امريڪي بالادستي کي ڪمزور ڪيو.جنهن جي سبب کان چين ۽ ٻين ننڍين يا اڀرندڙ سامراجي طاقتن جي مداخلت جي گنجائش وڌي وئي آھي.يوڪرائن جنگ ۽ افريقي سامونڊي ملڪن ۾َفوجي بغاوتون ۽ اسرائيل جي طرف کان فلسطينين تي جارحيت انهيء عمل جا شديد ترين اظھار آھن.
يوڪرائن ۾ روس سوويت يونين جي وکري وڃڻ کانپوء وڃايل علائقن تي ٻيهر اثر ورسوخ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.جڏھن ته نيٽو ملڪ امريڪا جي قيادت ۾ پنهنجن ڪشادگي پسند ارادن کي وڌاء ڏئي رهيا آھن.امريڪا جي روس کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي زنده ڪامياب ڏيک نٿي ڏيئي.هن کي يورپ جي جاء تي چين جي شڪل ۾ پنهنجو واپاري ۽ سامراجي ارادن جو پارٽنر ملي چڪو آھي.جڏھن ته يوڪرائن امريڪا و يورپ جي جنگي امداد تي دارومدار رکڻ سبب هڪ وڏي نه ختم ٿيندڙ جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آھي.۽ انهن جهڳڙن جو فورن حل في الحال ممڪن ڏيک نٿو ڏيئي.
افريقا جي سامونڊي پٽي وارن ملڪن ۾َفرانسيسي ۽ امريڪي سامراجي پٺو حڪومتن جي خلاف بغاوتن جو هڪ سلسلوجاري آھي.جنهن ۾ گني.برڪينا فاسو.مالي.نائيجر.گبون.مرڪزي افريقي ريپبلڪ ۽ سوڊان وغيره شامل آھن.اهي مغربي سامراج جي لاء وڏو ڌچڪو آھن.جيڪو صدين کان هن خطي جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ۾ ملوث آھي.ليڪن اهي نيون فوجي حڪومتون مغربي سامراج جي مقابلي ۾ روس ۽ چين ڏانهن جهڪاء اختيار ڪري رهيون آھن.روس ان خطي ۾ پنهنجا پرائيويٽ فوجي گروپ مٽلا واگنر گروپ جي وسيلي مداخلت وڌائي رهيو آھي.چين به ان صورتحال کان فائدو وٺي ڪري معاشي ۽ سياسي مفادن جي حاصلات جي لاء ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيو آھي.افريقا جي سامونڊي پٽي واري خطي ۾َچين ۽ روس جو ڪردار ڪنهن ترقي پسند متبادل جي بجاء پنهنجن ذاتي ۽ ڪاروباري مفادن جي لائق آھن.افريقي محنت ڪشن جي بيٺڪيتي ۽ سامراجي ڏاڍ جي خلاف اڀرڻ واريون اهي بغاوتون سوشلسٽ انقلاب جي پروگرامن سان هٿيار بند ٿي ڪري ئي سڄي دنيا جي محنت ڪشن جي لاء جدوجهد جا نوان رستا مقرر ڪري سگهن ٿيون.
عالمي بالادستي جي ڇڪتاڻ ۾ چين ۽ امريڪا وڏا دشمن آھن.معاشي ميدان ۾ چين امريڪا جي بالادستي کي ڪافي ڪمزور ڪيو آھي.چين هن وقت يورپي يونين .افريقا.وچ اوڀر ۽ لاطيني امريڪا جو سڀ کان وڏو واپاري ملڪ آھي.جديد ترين ٽيڪنالوجي ۽ مصنوعي ذھنن جي شعبن ۾ چين امريڪا کي ڪمند جيان نپوڙي رهيو آھي.برڪس ملڪن سان گڏ واپاري تعاون .بيلٽ اينڊ روڊ ۽ ٻين انفراسٽرڪچر جي عالمي منصوبن ۾ چين وڏي سرمائيڪاري ڪري رهيو آھي.نوان واپاري معاهدا ٿي رهيا آھن .بندر گاه ٺھي رهيا آھن ۽ چين ملڪ کان ٻاهر نوان فوجي اڏا تعمير ڪري رهيو آھي.چين جي اها ڪوشش امريڪا کي ڇتي ڪتي جيان ڇتو ڪري رهي آھي.جنهن کان نوان جهڳڙا اڀري رهيا آھن.ان عمل ۾ نيون صف بنديون به ٿينديون ۽ پراڪسي جنگيون به شدت اختيار ڪنديون.جيستائين دنيا ۾ سرمائيڪاري جي بدبوء رهندي انهن سامراجي ڇڪتاڻن ۽ ٽڪرائن ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي ٿيڻي.محنت ڪش طبقي جي اڀار ۽ وڏيون فتحون ان عالمي منظرنامي کي بدلائي سگهن ٿيون.
ماحولياتي تباهي ۽ سرمائيداراڻي منافقت.
2023ع ۾ پهريون ڀيرو زمين جو وچولي چرپر وارو درجو(وقتي طور تي) ٻه سينٽي گريڊ واڌاري واري حد کي پار ڪري چڪوآھي.دنيا جا 90 سيڪڙو سمنڊ گرمي جي شديد پد جي گهيري ۾ آھن.انٽار ڪٽيڪا ۾ برف نهايت تيزي سان پگهري رهي آھي ۽ ھن سال برف جي ته ۾ تاريخي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آھي.
گذريل سال ۽ ھي سال يعني 2024ع ۾ تاريخ جو نهايت گرم ترين سال ثابت ٿيو آھي.نيشنل سينٽر فار انوائير نيشنل انفارميشن (امريڪا) جي مطابق 2024ع تاريخ جو گرم ترين سال آھي ۽ اڳتي ان کان به وڌيڪ گرم ترين سال اچي سگهن ٿا.ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ (جيڪو گلوبل وارمنگ جي سڀ کان وڏو سبب آھي) جي نيڪالي جي موجوده لاڙي کي ڏسي ڪري اهو اندازو هڻي سگهجي ٿو ته زمين جي سطح کان وچولي درجي جي چرپر 2015ع جي پيرس ماحولياتي ڪانفرنس ۾ رکيل نشانو1.5ڊگري سينٽي گريڊ واڌاري کي هڪ ڏھاڪي ۾ ڪراس ڪري ويندو.اقوام متحده جي ماحولياتي سيڪريٽري سائمن اسٽينل جي مطابق ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي ان نيڪالي کي فوري طور تي نه روڪيو ويو ته چرپر جودرجو 2.7 ڊگري واڌاري جي حد ڪراس ڪري ويندو.
ان جو حل ڇا آھي؟
گذريل ماحولياتي ڪانفرنس(cop 28) ۾ به ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي خارج کي ڪنٽرول ڪرڻ يا فضا منجهان ان کي واپس آڻڻ وارن طريقن تي ڳالهيون ٿيون آھن.فاسل فيول جي استعمال کي نام نهاد گرين انرجي(هواء.سولر.پن بجلي) سان بدلجڻ جي لاء هر سال عالمي ماحولياتي ڪانفرنسون ٿي رهيون آھن عالمي پيماني تي گرين انرجي ۾َ سرمائيڪاري ناڪافي آھي ڇوته فوسل فيول جي پيداوار کي گرين انرجي ايتري تيزي سان ريپلس ناهي ڪري رهي.اهميت جي قابل انرجي جي عالمي ايجنسين جي اندازي جي مطابق2030ع تائين هر سال هڪ هزار گيگا واٽ ڌيان جي قابل بجلي عالمي سطح تي ٺاھڻ جي ضرورت آھي.ليڪن عالمي سطح تي اهي منصوبا ان جو هڪ اڌ منصوبو پيدا ناهن ڪري رهيا ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاء هر سال 9هزار ارب ڊالرز جي سرمائيڪاري گهربل آھي.جيڪا هينئر محض 1.3هزار ارب ڊالرز آھي.امير ملڪ به ان جي لاء گهربل فنڊز مسير ناهن ڪري رهيا.امير حڪومتن 2022ع ۾ صرف 83 ارب ڊالر ئي ڏنا جڏھن ته پرائيويٽ ماحولياتي فنانس 21.9ارب ڊالر ڏنا.
حڪومتون وڌيڪ زور هن تي ڏئي رهيون آھن ته پرائيويٽ سرمائيڪار ڌيان جي قابل انرجي ۾ سرمائيڪاري ڪن.ليڪن پرائيويٽ سرمائيڪاري اتي پيدا ٿيندي جتي نفعو ٿيندو.نفعو هتي به هڪ اهم مسئلو آھي.ترقي يافته ارڙھن ملڪن ۾ 2000ع کان 2015 ۽ 2015ع کان 2024ع تائين ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي خارج ۾ وچولي 36سيڪڙو کوٽ ٿي آھي.جنهن جو بنيادي سبب وري معاشي سستي آھي.
منصوبابندي کان خالي منڊين ۾ پيداوار جي سبب کان سولر پينل ٺاهڻ وارن ڪمپنين ۾ نفعا گهٽ ٿي رهيا آھن.اهو به سرمائيڪاري جو ٽڪراء آھي.هڪ سوشلسٽ منصوبابند عالمي معشيت ۾ ئي نفعي خوري ۽ معاشي لاڙن کي ختم.ڪري ماحول دوست انويسٽمينٽ جي وسيلي فاسل فيول انڊسٽري کي بند ڪري سگهجي ٿو.هينئر هن ڌرتي جي گولي تي زندگي جي بقا جي سوشلسٽ مستقبل سان گڏ جڙيل آھي.جنهن جي تياري ۽ جدوجهد اڄ جي دور جي اولين ذميواري آھي.
سياسي پولورائيزيشن ۽ محنت ڪش طبقو.
سرمائيداري جي بحران جي دنيا ۾ سماجي ۽ سياسي پولورائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيو آھي.جنهن لاء سماجي ۽ سياسي ورهاست ۽ ٽڪراء ڏانهن وڌي رهيون آھن.ڪيترن ئي ملڪن ۾َ ان جو سياسي اظھار ساڄي ڌر جي اڌ فسطائي قوتن جي اڀار جي صورت ۾ ٿي رهيو آھي.لبرل ساڄو پاسو ۽ سڌاري پسند کاٻي پاسي ويجهڙي ماضيء ۾ نهايت جارحاڻين ڪٽوتين جي پاليسين تي قائم رهڻ جي سبب کان وڏي ريت رد ٿي رهيون آھن.سموريون مڙھيل بورزوا پارٽيون ٽوڙ ڦوڙ جون شڪار ٿي رهيون آھن.نوان لاڙا اقتدار ۾ اچي رهيا آھن .تيز رفتار تبديليون جاري آھن.حڪومتون ڪري رهيون آھن.رياستون داخلي ورهاست و بحران جو شڪار آھن.
2023ع ۽ 2024ع ۾َ محنت ڪش طبقي جون وڌيڪ سنجيده تحريڪون به سامهون آيون آھن.امريڪا ۾ آٽو ورڪرز جي ڪامياب هڙتال سان گڏ 50سالن ۾َهڙتالن جو سڀ کان پڏو سلسلو ڏسڻ ۾ آيو آھي.برطانيه ۾ صحت جي شعبي.استادن ۽ ريلوي جي محنت ڪشن جي مسلسل تحريڪ رهي آھي.جرمني ۾ ريلوي مزدورن جي ڊگهي هڙتال ٿي آھي.فرانس ۾ پينشن سڌارن جي خلاف تحريڪ ۽ هارين جا احتجاج جاري آھن.سڄي لاطيني امريڪا ۾ محنت ڪآ طبقي جو نئون اڀار آھي.افريقا ۾ بيڪيتي ڏاڍ جي خلاف بغاوتون ٿي رهيون آھن.پاڪستاني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام هڪ سال جي لازوال جدوجهد کانپوء سستي بجلي جو حق حاصل ڪيو آھي.گلگت بلستان کان وينزي پختون ۽ بلوڇستان ۾َ عوام پنهنجين بنيادي حقن جي حاصلات جي لاء روڊن تي نڪري پيو آھي.ٻين ڪيترن ئي خطن ۾ قومي آزاديء جون تحريڪون جاري آھن.ويجهڙاائي وارن ڏھاڙن ۾ سڀني کان شاندار تحريڪ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف سندس ناجائز پيء امريڪا جي شاگردن سميت سموري دنيا ۾ احتجاجن جي شڪل ۾َسامهون آئي آھي.جنهن صيهونيت جي منهن تي چماٽ هڻي ڪري صيهوني رياست کي عالمي سطح تي وڌيڪ ڪمزورط۽ رد ڪري ڇڏيو آھي.جيڪا هڪ ڪشادي سامراج مخالف تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري رهي آھي.ان نظام جي بحران ۽ بربادي سان گڏ طبقاتي جدوجهد عالمي پيماني تي وڌيڪ تيار ٿيندي.جنهن ۾ محنت ڪشن جون هڙتالون.احتجاج ۽ بار بار اڀرڻ واريون بغاوتون شامل ٿينديون.اهو سلسلو وقتي شڪست ۽ فتحن سان گڏ ڏھاڪن تائين جاري رهي سگهن ٿيون.جنهن ۾ انقلاب متبادل جي تياري جون سازگار حالتون ميسر اينديون.ان سموري عمل ۾ موجوده دور جي گهرجن سان ٺھڪندڙ انقلابي سوشلسٽ پروگرام ۽ حالتن و واقعن سان هڪجهڙائي رکڻ واري طريقي ڪار ۽ لاعمل سان گڏ ڏورانهين نظر ۽ صبر آزما مداخلت ئي سرمائيداري جي ظلمن کان انساني نسل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو