هر سال 128 ارب روپين جي سيلز ٽيڪس ۾ چوري آهي: اورنگزيب

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي محاذ تي بهتر پوزيشن تي اچي ويا آهيون.پاڪ-سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته گذريل 14 مهينن ۾ اسان ميڪرو اڪنامڪس تي ڪم ڪري رهيا هئاسين، اڄ اسان پنهنجي ميڪرو اڪنامڪ اشارن کي بهتر بڻايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.محمد اورنگزيب چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي ويو آهي ۽ ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ادائيگيون وقت تي ٿي رهيون آهن، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪالهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ رڪارڊ بلندي تي پهتو، اسان معاشي محاذ تي بهتر پوزيشن تي اچي ويا آهيون. فورم کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن، فارما، سرجيڪل ۽ اسپورٽس جي شعبن ۾ به سعودي عرب کان تعاون جا وڏا امڪان موجود آهن.پاڪستان سعودي مارڪيٽ ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ چاهي ٿو، پاڪستان سعودي عرب کي چانور، گوشت، ميوا، ڀاڄيون ۽ مڇي برآمد ڪري ٿو. بعد ۾ ناڻي واري وزير ايف بي آر جي سينئر آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ملڪ ۾ هر سال 128 ارب روپين جي سيلز ٽيڪس ۾ چوري ٿي رهي آهي، هن تفصيل ڏيندي چيو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ 23 ارب، سيمينٽ اندسٽري لاءِ ڪوئلي جي خريداري ۾ 18 ارب، بيٽريون ٺاهڻ واري صنعت ۾ 11 ۽ بيوريجز ۾ 15 ارب روپين کان مٿي سيلز ٽيڪس چوري ٿئي ٿي. هن واسطيدار ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيف اڪائونٽس آفيسرن کي خبردار ڪيو ته هن سال سيلز ٽيڪس جا ڪوڙا ريٽرن جمع ڪرائيندڙ ڪمپني مالڪ، سي اي او ۽ سي ايف اوز کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪنداسين. هن ڪمپنين جي سربراهن کي چيو ته هو سيٺين کي فائدو پهچائن ٿا کين ان جي بدلي رڳو پگهار ملي ٿي هو رياست جو نقصان ڪري رهيا آهن. آئندو جنهن به غلط دستاويز تي صحيح ڪئي اهو جيل ۾ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو