جروار(محمد بخش گبول) 7 سالن جي يتيم ڇوڪري کي چاچن وڪرو ڪري چڏيو، کيس زوري نڪاح لاءِ اغوا جي ڪوشش، دانھن تي ڳوٺاڻن پھچي نينگري کي بچائي ورتو. ڳوٺ خدابخش لغاري جي رهواسڻ بزرگ عورت بيگم لغاري معصوم نينگري مورزادي ڌي لال بخش لغاري کي ساڻ ڪري پريس ڪلب جروار پهچي دانهيو ته هي معصوم نياڻي هڪ سال جي هئي ته هن جو پيءُ گذاري ويو هو ۽ پي جي فوت ٿيڻ بعد هن جي ماءُ جي به ٻئي هنڌ شادي ٿي ويئي, هي معصوم پنهنجي پوڙھي ڏاڏي وٽ رهندي هئي، گهر ۾ عورت نه هجڻ ڪري هن جو ڏاڏو نينگري کي منهنجي حوالي ڪيو ته تون هن نينگري جي پرورش ڪر. پنج سالن کان نينگري مون وٽ رهي پئي، سندس عمر 7سال آھي, هن نينگري جي چاچن بگو لغاري ۽ منير لغاري وارا ڇوڪري جي ڏاڏي يعني ھو پنھنجي والد کان چوري وڃي گهوٽڪي جي رهواسي پوليس اهلڪار علي لغاري کي وڪرو ڪري ڏيئي آيا آھن ,ڪجھ ڏينهن اڳ اهي پوليس اهلڪار علي لغاري سان گڏ نينگري کي کڻڻ آيا ۽ چيو ته ڏھ محرم بعد هن جو نڪاح رٿيل آھي ,پوڙهي عورت وڌيڪ چيو ته مان انڪار ڪيو ته معصوم ٻار آھي هن جي شادي جي عمر نه آھي ,جڏھن ڇوڪري جوان ٿيندي پوء توهان هن ڇوڪري جي ڏاڏي غلام رسول کي وٺي اچجو اهو چوندو ته پوء اسان ڇوڪري اوهان جي حوالي ڪنداسين ,منهنجي انڪار تي هنن زبردستي ڇوڪري کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي مان دانهون ڪيون ته ڳوٺاڻا پهتا جن ڇوڪري کي ڇڏائي ورتو. هاڻي اسان کي پوليس اهلڪار علي لغاري ۽ ڇوڪري جي چاچن مان خطرو آھي ته ڪهڙي مهل به نينگري کي اغوا ڪري سگهن ٿا ,هن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معصوم نينگري تي رحم ڪري تحفظ ڏنونوڃي,
