اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جعفر ايڪسپريس جي مغوين جي بازيابي لاءِ شروع ٿيل آپريشن کي 24 ڪلڪ ٿيڻ وارا آهن پر اڃا تائين ڪا پڌرائي جاري نه ڪئي وئي آهي. پي ٽي وي ۽ مقامي ٽي وي چينل سيڪورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌائين پيا ته 190 مغوي بازياب ٿي چڪا آهن ۽ 30 دهشتگرد مارجي ويا آهن. نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته بي ايل اي پنهنجي گرفتار ساٿين جي مغوين جي بدلي آزداي جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ ۾ بي ايل اي جي گرفتار ساٿين جي انگ يا سڃاڻپ بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب گهٽ ۾ گهٽ 214 فوجي ۽ سول اهلڪار بي ايل اي جي قبضي ۾ آهن. رپورٽ موجب بي ايل اي 48 ڪلاڪن جو التيميٽم ڏنو آهيته سندن گرفتار ساٿي آزاد نه ٿيا ته هو مغوين کي ماري ڇڏيندا.
