ملان تون جهل دٻ، ڌاڙيلن جو علامه کي ڪٽڪو ۽ ڦر

مدئجي (ن سنڌيار) مولانا اسد الله کهڙو جي هٿياربندن هٿان تشدد ۽ ڦر لٽ واري واقعي بعد ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڳاهيجا يار محمد ڀيو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٿاڻي جي وڏي منشيء کي سياسي سفارش تي ڇڏيو ويو. ڊي ايس پي مدئجي ايس ايڇ او ڳاهيجا کي چارج ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڳاهيجا ٿاڻو وڏي منشي حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او کي مولانا اسد الله کهڙو کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي فارغ ڪري لائين حاضر ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل رات مولانا کي ڌاڙيلن روڪيو ته هن کين ٻڌايو ته مان جهل دٻ وارو مشڪري ڪندڙ ملان آهيان، منهنجا ويڊيو نه ڏٺا اٿو ڇا؟. ڌاڙيلن ملان کي چيو ته هاڻي تون جهل دٻ، سندس تلاشي تي وٽائنس لکين روپيا نڪتا. جنهن بعد ملان کي ڪٽڪو ڏئي ڦر ڪري ڇڏيو ويو. ڦر ۽ ڪٽڪي بعد مولوي ايس ايس پي شڪارپور وٽ وڃڻ بدران پهنجي دوست ايس ايس پي سکر عرفان سمون وٽ آيو ۽ چيائين ابا ظلم ٿي ويو، پئسا به ڦر يويا پادر به هنيائون ۽ چيائون ملان تون جهل دٻ.

پهنجو تبصرو موڪليو