ملتان(ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ چوٿين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ملتان ۾ کيڏيل پي ايس ايل جي يارهين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي ملتان سلطانز خلاف پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. سلطانز مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون، ريزا هينڊرڪس 72 ۽ ڪپتان محمد رضوان 51 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه عثمان خان 14 ۽ طيب طاهر 35 رنسون اسڪور ڪيون. 181 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگهي، خواجه نافع 36 رنسون ۽ ڪپتان ريلي روسو 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ان کان علاوه سعود شڪيل 24 ۽ شرفين ردرفورڊ 21 رنسون ٺاهيون، جيسن راءِ 12 ۽ محمد عامر 12 رنسون ٺاهيون. ملتان سلطانز طرفان محمد علي ۽ ڊيوڊ ڊولي 3-3 وڪيٽون ورتيون، آفتاب ابراهيم 2 ۽ اساما مير هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ هينئر تائين ملتان سلطانز 5 ميچون کيڏيون آهن ۽ 4 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا 4 ميچز مان 3 ميچن ۾ ڪاميابي ۽ هڪ ۾ ناڪام رهي آهي. پوائنٽس ٽيبل تي ملتان پهرين ۽ ڪوئيٽا ٻئي نمبر تي آهي.
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري