ملتان ٽيسٽ: پاڪستان جي شروعات مايوس ڪندڙ، صائم آئوٽ

ملتان (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ملتان ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ انگلينڊ خلاف بيٽنگ جاري آهي.ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ سعيد ايوب اننگز جي شروعات ڪئي پر 8 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب صرف 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.ان کان اڳ شان مسعود جو چوڻ هو ته اسان وٽ ٽيم ۾ 2 اسپنر ۽ 3 فاسٽ بالر آهن، اسان شين کي تبديل ڪري ٽريڪ تي واپس اچڻ چاهيون ٿا.ٻئي طرف انگلش ڪپتان اولي پاپ چيو آهي ته ٽاس کٽي بيٽنگ ڪري ها.

پهنجو تبصرو موڪليو