ملتان سلطانز جو فتح سان شروعات،ڪنگز کي شڪست

ملتان(ويب ڊيسڪ) ملتان سلطانز 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنز ٺاهيون آهن. پي ايس ايل، جي نائين ايڊيشن جو ٽيون ميچ ملتان ۾ کيڏيو ويو. ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي ملتان سلطانز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. محمد رضوان ۽ ڊيوڊ ملن اننگ شروع ڪئي. ٽئين اوور ۾ ڪراچي کي پهرين ڪاميابي ملي جڏهن مير حمزا ڪپتان رضوان کي 17 جي مجموعي اسڪور تي ايل بي ڊبليو ڪيو. رضوان ٻن چوڪن جي مدد سان 12 بالن تي 11 رنز ٺاهيون. جنهن بعد رضا هينڊرڪس آيو ۽ اسڪور کي اڳتي وڌايو. 17هين اوور ۾ ڊيوڊ ملن 138 جي مجموعي اسڪور تي هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 52 رنز اسڪور ڪيون ۽ ڊينئل سيمس جي بال تي متبادل رانديگر هٿان ڪيچ ٿيو. رضا هينڊرڪس 3 ڇڪن 7چوڪن جي مدد سان 54 بالن تي 79 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن تي خوشدل 4 چوڪا هڻي 13 بالن تي 28 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو