ملتان پاران ڪوئٽا کي تاريخي شڪست، رڪارڊ قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي 25هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 117 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ملتان سلطانز رنسن جي لحاظ کان پي ايس ايل جي سڀ کان وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ان کان اڳ ملتان ڪوئيٽا کي 110 رنسن تان شڪست ڏئي رڪارڊ قائم ڪيو هو. ملتان سلطانز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ڪوئيٽا کي فتح لاءِ 246 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ ڪوئيٽا 15.5 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي ميچ ۾ ملتان جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سلطانز طرفان اننگز جي شروعات شان مسعود ۽ محمد رضوان ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن پنهنجي ٽيم کي 119 رنسن جي شاندار شروعات ڏني. شان مسعود 38 بالن تي 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ ريلي روسو وڪيٽ تي آيو ۽ ڪوئيٽا جي بالرز کي رڳو 26 بالن تي 71 رنسون ٺاهي ڌمڪيون ڏنيون جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 83 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيو. ملتان سلطانز مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون، جيڪو ايڇ بي ايل پي ايس ايل سيون جو هينئر تائين جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي. جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم 15.5 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. عمر اڪمل 50 ۽ جيسن راءِ 38 رنسون ٺاهيون. ملتان طرفان آصف آفريدي، ڊيوڊ ويلي، شاهنواز دستي ۽ خوشدل شاهه 2،2 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو