ملير ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح، عزم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوامي خدمت جو تيز ترين سفر جاري آهي ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري آهي ته ملير ايڪسپريس وي فيز ون اڄ کوليو ويندو،پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ملير ايڪسپريس وي جي فيز ون جو افتتاح ڪندا،سنڌ حڪومت جو عزم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي،مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ملير ايڪسپريس وي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبو آهي،اڄ، قيوم آباد کان شاهه فيصل تائين ملير ايڪسپريس وي منصوبي جي 9.1 ڪلوميٽر جو جزوي افتتاح ڪيو ويندو، ملير ايڪسپريس وي جي ڪل ڊيگهه 39 ڪلوميٽر آهي، هي منصوبو ڪورنگي ڪريڪ ايونيو کان شروع ٿئي ٿو ۽ ملير ندي تائين پکڙيل آهي،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ملير ايڪسپريس وي هڪ جديد ترين، تيز رفتار، ڇهه لين، رسائي ڪنٽرول ڪوريڊور آهي،ملير ايڪسپريس وي منصوبي جي ڪل لاڳت 55 ارب رپيا آهي.سنڌ حڪومت ملير ايڪسپريس وي لاءِ تقريباً 32 ارب رپيا فراهم ڪري رهي آهي،پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، ڪمرشل بينڪن ۽ ترقياتي مالي ادارن 23 ارب رپيا ڏنا آهن،هي تعاون سرڪاري انفراسٽرڪچر لاءِ خانگي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو، هي منصوبو ڪراچي جي شهرين جي آمدورفت ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي، قيوم آباد کان شاهه فيصل انٽرچينج تائين ملير ايڪسپريس وي منصوبو 9.1 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، هي منصوبو تعمير هيٺ آهي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) جو هڪ اهم قدم آهي،ملير ايڪسپريس وي کي خاص جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويو آهي، اهو ڊي ايڇ اي ۽ موجوده لنڪ روڊ ذريعي ڪٺور جي ويجهو ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي (ايم-9) تي ختم ٿيندو، 2025 ۾ مڪمل طور تي فعال ٿيڻ کان پوءِ اهو شاهراهه فيصل جي متبادل طور ڪم ڪندو، ملير ايڪسپريس وي وڏن صنعتي زونن کي ڳنڍيندو ۽ ڪراچي جي روڊ نيٽ ورڪ تي بار گهٽائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو