نمايان ڪارڪردگي تي فوجي آفيسرن ۾ اعزازن جي ورهاست

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ملڪي دفاع ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ فوجي آفيسرن ۾ فوجي اعزاز ورهايا ويا. رپورٽ موجب ايوان صدر ۾ فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب منعقد ٿي. شروعات تي قومي تراني جي ڌُن پيش ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري ملڪي دفاع ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙن کي فوجي اعزازن سان نوازيو ويو.ڪيپٽن سيد عامر رضا کي بي مثال بهادري، فرض شناسي تي ستاره بسالت سان نوازيو ويو. ايئر مارشل محمد سرفراز کي هلال امتياز(ملٽري) ايئر مارشل ڪاظم حماد کي هلال امتياز(ملٽري) ايئر مارشل شڪيل غضفر، ميجر جنرل سعيدالرحمان، ميجر جنرل طارق مسعود احمد، ميجر جنرل نديم احمد، ميجر جنرل سهيل امتياز، ميجر جنرل ذيشان احمد، ميجر جنرل سهيل صابر کي به هلال امتياز(ملٽري) سان نوازيو ويو. اهڙي طرح ميجر جنرل فواد احمد صديقي، ميجر جنرل سيد مڪرم حسين، ميجر جنرل افتخار احمد ستي، ميجر جنرل شاهد پرويز، ميجر جنرل غلام محمد، ميجر جنرل نور علي خان، ميجر جنرل راجه محمد نديم اشرف، ميجر جنرل غلام شبير ناريجو، ميجر جنرل محمد عاصم خان، ميجر جنرل محمد يوسف، ميجر جنرل محمد نعيم اختر، ميجر جنرل نسيم اختر، ميجر جنرل عمر احمد شاهه، ميجر جنرل محمد شاهد صديق، ميجر جنرل عبدالسميع، ميجر جنرل محمد ياسر الاهي، ميجر جنرل عديل حيدر منهاس، ميجر جنرل محمد حسين سيال، ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان ۽ ٻين کي به هلال امتياز(ملٽري) سان نوازيو ويو. تقريب ۾ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، دفاع واري وزير خواجه آصف ۽ ٻين اختيارين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو