ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: اياز صادق

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجا پنهنجا مطالبا پيش ڪندا، سندس ڪم ٻنهي ڌرين وچ ۾ مددگاري ڪرڻ آهي، جڏهن گڏجي ويهندا آهن ته مسئلن جو حل نڪرندو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ هائوس جي ڪيفي ٽيريا جو دورو ڪيو.قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڪيفي ٽيريا ۾ کاڌو ٽيسٽ ڪيو ۽ کاڌي کي تسلي بخش قرار ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجا پنهنجا مطالبا پيش ڪندا، سندس ڪم ٻنهي ڌرين وچ ۾ مددگاري ڪرڻ آهي، جڏهن گڏجي ويهندا آهن ته مسئلن جو حل نڪرندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو