ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهيون

راولپنڊي: (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي فوج جا کوکلا بيان انهن جي وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان مڪمل طاقت سان ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيندو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 267هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ فورم ڀارتي فوجي قيادت جي تازي چڙ ڏياريندڙ بيانن جو به سختي سان نوٽيس ورتو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪانفرنس ڀارتي فوجي قيادت جي بيانن کي غير ذميوارانه ۽ علاقائي استحڪام جي لاءِ نقصان ڏيندڙ قرار ڏنو، فورم پيش ايندڙ خطرن جو جائزو ورتو، علاقائي ۽ داخلي سلامتي جي منظر نامي تي روشني وڌي.آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري سان گڏ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. انهي موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان آرمي ملڪي خودمختاري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي ۽ ڀارتي فوج جا اهي کوکلا بيان انهن جي وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مڪمل طاقت سان ڪنهن به اڳرائي جو سختي سان جواب ڏيندو.جنرل عاصم منير چيو ته عسڪري قيادت قابل فخر عوام سان ڀرپور حمايت سان پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڀارتي فوج جا اهڙي قسم جا بيان پنهنجي عوام ۽ عالمي برادري جو ڌيان انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي تان هٽائڻ جي لاءِ آهن.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم فتنه خوارج جي دهشتگردي لاءِ افغان سرمين جي مسلسل استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته عبوري افغان حڪومت فتنه خوارج جي موجودگي کان انڪار جي بجاءِ انهي جي خلاف پڪا ۽ عملي قدم کڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو