ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه حاضر، شاهين آفريدي جو بيان

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ٽيم جو حصو بڻجڻ تي فخر جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهين آفريدي چيو ته اسان جو سڀ ڪجهه هن ملڪ لاءِ آهي، هڪ عظيم ٽيم جو ننڍڙو حصو هجڻ تي فخر آهي.قومي ڪرڪيٽر چيو ته اسان سڀ ڪجهه پنهنجي پاسي کان ڪيو آهي، محنت جاري رهندي.گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شاهين آفريدي پنهنجو اوور مڪمل نه ڪري سگهيو هو، هو 16 هين اوور جي هڪ بال تي ڪرڪي ڪري ميدان ڇڏي ويو هو، جنهن کانپوءِ افتخار احمد باقي اوور پورو ڪيو.ڪيچ وٺندي شاهين آفريدي جو گھٹو زمين تي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو