ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي

ننگر پارڪر (ن س) حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري سنڌ ۾ روحاني سفر جي آغاز دوران کاھوڙ چونڪي جي ڳوٺ ڌني جي ويري ۾ دعوت تي مريدن ۽ عقيدتمندن کي زيارت ڪرائي ۽ خطاب ڪيو، جنهن بعد پير پاڳارو سُوندر ۾ چونڪي ٿر ڪلياڻ جي خليفي سلطان راڄڙ وٽ دعوت تي پهتو، جتي رات جو قيام ڪرڻ کانپوءِ اڄ صبح جو خانداني تاج ڪلنگي پائي لکين مريدن کي روحاني ديدار ڪرائيندو ۽ تاريخي اجتماع کي خطاب پڻ ڪندو خبر موجب ڏاھلي ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺ پنات وسند جي ويري وھراڙي، ڀوڄڙو پيراتي جو پار، جوجھاري جو پار، موسي جي ڊاڻي، عيداڻي، ڌني جي ويري، کاھوڙ چونڪي جي مختلف جھلن ۾ حر جماعت جي جھلن ۾ پهچي مريدن کي ديدار ڪرايو ۽ رات جي وقت ڳوٺ عيداڻي ويجهو ڳوٺ ڌني ويري ۾ مک خليفي رمضان فقير راھمون، خميسو راھمون، فقير حسين راھمون، فقير نواب راھمون، فقير محمد حسن راھمون جي پڪي دعوت تي پهتو، جتي پير پاڳاري جي روحاني ديدار جي اوسيئڙي ۾ گذريل ڏينهن کان لکين مريد ۽ عقيدتمند پھتل هئا، پير پاڳاري صبح 10 وڳي ڌاري لکين حُر جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن کي روحاني ديدار ڪرايو ۽ خطاب ڪندي دعائون ڏنيون،پير پاڳاري پنهنجي روحاني خطاب ۾ چيو ته توهان کي هدايت ڪيان ٿو ته پنهنجي نياڻين تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيو، نياڻين کي سٺي تعليم ڏيو، انھن جو خيال رکو، نياڻين کي پنھنجون نياڻيون سمجھو ۽ پنهنجي پُٽن جي اولاد تي به ڪنٽرول ڪيو، متان ھو ڪنھن غلط صحبت ۾ نه اچي وڃن، انھن جي سٺي تربيت ڪريو، پاڙي وارن جو ھميشه خيال رکو، اوهان کي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي عزيزن کان وڌيڪ پاڙي وارا ئي ڪم ايندا آهن، پير پاڳاري چيو ته فوج اسان جي آھي ۽ اسان فوج جا آھيون، ملڪ جي جيڪا موجوده صورتحال آهي، ڪو به نيشل ليول تي ليڊر ناھي رھيو، پاڪ فوج دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب وئي آهي، فوج ئي آهي، جيڪا فيڊريشن کي بچائي سگھي ٿي، فوج ئي فيڊريشن جي علامت آهي، انھي موقعي تي پير پاڳاري پنھنجي روحاني خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري فصلن مان سٺي اپت نه ٿي ملي، ان ڪري جيترو ٿي سگھي چوپايو مال ڌاريو، مال مان اوهان زمينداري کان وڌيڪ منافعو ڪمائي سگھو ٿا ۽ پنهنجي گھرن ۽ اوطاقن اڳيان وڌ کان وڌ وڻ پوکيو، جئين موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي، موسمياتي تبديلي سبب ڊسمبر ۾ به سردي نه پئي آهي، پير پاڳارو ڳوٺ ڌني جي ويري ۾خليفو رمضان راھمون جي دعوت بعد ڳوٺ ڍوري، بيڪنر، چاڙھيار، کٽڪڙي، ڇاڇرو، کياڙي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن جي رکيل جھلن ۽ چانهه پارٽي ۾ شرڪت بعد ننگرپارڪر پهچي هيلاريو، هيرار، ولي جي ويري ۽ ٻاراچ سميت مختلف ڳوٺن ۾ چانهه پارٽين ۽ جَهلن ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ سوندر ۾ حاجي ڪريم بخش مهر جي جهلي ۾ پهتو، اتي ديدار ۽ خطاب ڪرڻ کانپوءِ ساڳي ئي ڳوٺ سوندر ۾ چونڪي ٿر ڪلياڻ جي خليفي سلطان راڄڙ جي دعوت تي پهتل آهي، جتي رات جو قيام ڪرڻ بعد اڄ صبح جو خانداني تاج ڪلنگي پائي لکين مريدن کي روحاني ديدار ڪرائيندو ۽ تاريخي اجتماع کي خطاب پڻ ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو